سنڌ جو ڪرندڙ تعليمي معيار

تحرير: عبدالقادر گبول

عالمي اخبار جي ڪنهن رپورٽ موجب ته سنڌ يونيورسٽي طرفان پنهنجن ڇھن ڪئمپسز لاءِ 72 ڊسيپلينن يعني ڊپارٽمينٽز لاءِ داخلا جي ٽيسٽ ورتي وئي جتي 14825 سيٽن لاءِ 21 هزار ٽي سئو اٺاويهه شاگردن ٽيسٽ ڏني جنهن مان فقط چار هزار ٽي سئو ستونجاھ شاگرد ٽيسٽ پاس ڪري سگهيا. جنهن کان بعد يونيورسٽي انتظاميه پاسنگ ريشو 50 پرسنٽ مان هٽائي 30 پرسنٽ تي آندو آهي. اسين جيڪڏھن سرسري نظر سان سنڌ جي تعليم جو جائزو سنڌ يونيورسٽي جي ورتل ٽيسٽ مان لڳائينداسين ته اسان کي خبر پوندي ته فقط ڏهه شاگرد 80 مارڪون کڻي سگهيا ۽ جڏهن ته 158 شاگردن 70 ۽ اُن کان مٿي تائين جون مارڪون کنيون ۽ 60 پرسنٽ تي فقط 1176 اميدوار پاس ٿين ٿا. جڏھن ته عام طور تي ڏسنداسين ته 60 پرسنٽ پاسنگ ريشو اڄُڪل دُنيا ۾ هر جڳهه هلي رهيو آهي. ۽ پنجهاھ پرسنٽ پاسنگ ريشو تي ٽيسٽ ۾ وهندڙ شاگردن مان فقط ويھ سيڪڙو اميدوار پاس ٿي سگھندا. ۽ 3319 شاگرد ته اهڙا آهن جن سئو مان 20 مارڪن کان به گهٽ تائين جون مارڪون کنيون. جيڪو پڻ اسان جي تعليمي مستقبل لاءِ سواليه نشان آهي.

سنڌ جو نالي وارو يونيورسٽي مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي به گذريل سال ٽي دفعا ۽ هن سال ٻه دفعا اداري ۾ انٽري يا داخلا جي ٽيسٽ ورتي. ۽ قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي به گذريل ڪجهه سالن کان ٽي ٽي دفعا ٽيسٽ وٺندي آهي. ۽ اهي ڳالهيون به گردش هيٺ آهن ته ميڊيڪل ۾ سنڌ جا اميدوار گھٽ پاس ٿي سگهن ٿا جنهن جي ڪري گذريل سالن ۾ ڪجهه ميڊيڪل جون سيٽون بين صوبن وارن کي مليون. جنهن بعد سنڌ ۾ بجاءِ تعليم جي بهتري جي, الڳ ميڊيڪل ٽيسٽ جو مطالبو رکيو ويو هيو. تعليمي ادارا چاهي اُهي اسڪول ڪاليج يا يونيورسٽيون ھجن اُهي سڀ هڪ ڪاروبار جو ذريعو ھجن ٿا. ظاهري ڳالهه آهي اُنھن کي پنهنجا ادارا به ته ھلائڻا هوندا آهن نه. يا وري ڪنھن ڊپارٽمينٽ کي تالو ته نه ھڻندا نه. نه ئي اُهي يونيورسٽيون پنهنجي منافعي ۾ ڪا ڪمي آڻڻ ڏيندا. پوءِ انجي ڪري ڀَلي سال ۾ ٽي دفعا ٽيسٽ وٺڻي پئي يا وري 30 پرسنٽ تي ئي ڇو نه اميدوار پاس ڪرڻا پون.

ڏسو هاڻي سنڌ جي تعليم جي گذريل ڪجهه سالن کان اِها حالت آهي ڪو به فرد ,ٽولو, جماعت يا گروهه ان ڳالهه تي آواز اٿارڻ لاءِ تيار نه آهي ته آيا آخر ڇو سنڌ جي ٻارهن پاس اميدوارن ۾ اهليت نه آهي. ڇا استاد ٻارن کي پڙهائين به ٿا يا فقط پنا ڪارا ڪرائن ٿا. ۽ وقت جو ذيان/گذارو ڪن ٿا. ظاهر آهي مٿي بيان ڪيل سببن ۾ سرڪاري اسڪولن سان گڏ نجي ادارا به اچي وڃن ٿا. اُهي نجي ادارا جيڪي ٻنهي ھٿن سان شاگردن جي والدين کي لٽن ٿا. پنهنجي من پسند جون فيون وٺي پنهنجا هر جائز نه جائز مطالبا مڃرائن ٿا جيئن ڪتابن کان ويندي پين ڪاپي به اداري جي بوڪ اسٽور تان وٺڻو آھي. اها ڪاپي جنهن تي اسڪول جو منوگرام لڳل هجي وغيره وغيره. گھٽ ۾ گھٽ اُنھن کي ته معياري تعليم ڏيڻ کپي. ته جيئن والدين جي ادا ڪيل رقم جو ازالو ٿي سگهي هي حالت آهي انهن شاگردن جي جيڪي روزاني جي بنياد تي اسڪولن ۾ وڃي پڙهن ٿا ۽ انهن جا والدين انهن جي تعليمي مستقبل جا الائي ڪيترا محل ٺاهن ٿا.

اڃا اسان سنڌ واسين کان IBA جي ماستري واري ٽيسٽ جنهن ۾ 55 سيڪڙو هر مضمون ۾ پاسنگ واري شرط تحت فقط هڪ سيڪڙو اميدوارن جو به پاس نه ٿيڻ جو ارمان نه لٿو ته وري مٿان سنڌ يونيورسٽي جو 30 پرسنٽ تي پاس ڪرڻ سمجهه کان ٻاهر آهي. اُهي شاگرد جن جو هينئر تعليمي معيار غير يقيني آهي ۽ مٿان وري ٻه ٻه دفعا ميڊيڪل پيپر جو ليڪ ٿيڻ . سمجهو ته هٿ سان تعليم کي تباهه ڪرڻ آھي. اُهي شاگرد جيڪي هينئر اسڪولن ۾ پڙهن ٿا پيپر ليڪ ٿيڻ جو ٻڌي ڇا اُهي شاگرد پڙھندا؟ اصل ئي نه ظاهر ڳالهه آهي اُهي شاگرد جيڪي مٿئين سال ميڊيڪل جي امتحانن ۾ ويهندا اُهي شاگرد ته ٺھيو پر اُنھن جا والدين به بجاءِ پنهنجي ٻارن کي پڙهڻ لاءِ چوڻ جي هينئر کان ئي ايجنٽن کي ڳولڻ شروع ڪندا ته جيئن مٿئين سال ميڊيڪل جو پيپر ملي سگهي. ڏسو اُهي والدين جيڪي ڏينهن رات پورهيو ڪري هن مهانگائي جي دور ۾ پنهنجن اولاد کي وڏن وڏن سينٽرن تي ڳريو فيئون برداشت ڪري سالن جا سال پڙهائين ٿا پو به انهن جا ٻارڙا ميرٽ جي لتاڙ ٿيڻ يعني پيپر out ٿيڻ سبب ڪجهه نمبرن تان رهجي وڃن ته ايندڙ وقت ۾ ڪير ميڊيڪل جي ٽيسٽ جي تياري ڪندو؟ ۽ ها پيپر خريد ڪرڻ جي تياري ته ضرور ڪندا ڇو جو اڄڪل ڪاميابي پڙهڻ سان نه بلڪي پيپر وٺڻ سان ملندي آهي. ۽ معاملو اتي به پهچي سگهي ٿو جو ماڻهو پنهنجون پراپرٽيون وڪڻي به پيپر وٺي خوشي محسوس ڪندا.

هڪ ته ڪورٽ به الائي ڪهڙو قدم کنيو آهي پيپر جي ٻيھر وٺڻ واري حڪم سان ايجنٽن کي عمر قيد سزا وارو حڪم ڏئي ها ته ميڊيڪل جو پيپر گھٽ ۾ گھٽ ٻيهر out نه ٿئي ها. سوين سوال ته ڪورٽ جي ان فيصلي تي اٿن ٿا. ته پيپر کي ٻيهر وٺڻ جو حڪم ته ڏئي ٿي پر پيپر کي ليڪ ڪرائڻ وارن خلاف ڪارروائي جو حڪم ڇو نٿي ڏيئي ؟ آخر ايجنٽن تي پردو رکڻ جو ڪهڙو سبب هو؟ ڇا اُهي ايجنٽ جيڪي پيپر آئوٽ ڪرائن ٿا اُهي ايترا ته طاقتور آهن جو ڪورٽن ۾ به پنهنجا حڪم هلائن ٿا؟ هينئر ته ايجنٽن جا ٻئي هٿ گيهه ۾ آهن هڪ سيزن ۾ اُنھن ٻه دفعا ڪمايو آهي. جهڙو پيپر پهرين out ڪرايو هون تهڙو هينئر.

هاڻي اُنھن شاگردن جو ڇا ٿيندو جن پهرين ٽيسٽ ۾ بغير ڪي(key ) وٺڻ جي سٺيون مارڪون کنيون ۽ هينئر ڪجهه گھٽ نمبر کڻي سگهيا. ميرٽ جو جنازو ته ڌوم ڌام سان نڪري ويو. پر سنڌ جي باشعور عوام ۽ تعليم دوست فرد پوءِ به سوشل ميڊيا سميت مختلف فارمن تان ٽيهر ٽيسٽ وٺڻ جي مطالبي سان گڏ ٽيسٽ out ڪرڻ ۾ ملوث ماڻهن کي عبرت جي نشان بڻائڻ وري سزا ۽  MDCAT انتظاميه تي  هميشه لاءِ نه اهلي جو مطالبو ڪري رهيا آهن. جيڪي اميدوار يونيورسٽي ۾ پير رکڻ کان پهريان لکين رپيا خرچ ڪري پيپر وٺن ٿا اُهي اميدوار ميڊيڪل جي فيلڊ ۾ اچي بيمار فردن کي ظاهري ڳالهھ آهي پنهنجي گهران مانيون ته ڪون کارائيندا نه. پوءِ علاج مهانگو ٿيندو ۽ وري دوائون مهانگيون ٿينديون. ۽ اهڙي نموني اسين سنڌ واسي نااهل ڊاڪٽرن ۾ اهڙو ته ڦاسي وينداسين جو سالن تائين اُن ڌٻڻ مان نڪرڻ مشڪل ته ٺهيو پر ممڪن به نه ھوندو.

اُهي والدين جيڪي ڏينهن رات پورهيو ڪري هن مهانگائي جي دور ۾ پنهنجن اولاد کي وڏن وڏن سينٽرن تي ڳريون فيئون برداشت ڪري سالن جا سال پڙهائين ٿا پو به انهن جا ٻارڙا ميرٽ جي لتاڙ ٿيڻ يعني پيپر  آئوٽ ٿيڻ سبب ڪجهه نمبرن تان رهجي وڃن ته ايندڙ وقت ۾ ڪير ميڊيڪل جي ٽيسٽ جي تياري ڪندو؟

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.