مدي خارج سياستدان ارڙهين ترميم ختم ڪرڻ چاهين ٿا: بلاول

چترال(م ڊ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پراڻا سياستدان 18هين ترميم کي ختم ڪرڻ چاهين ٿا جڏهن ته سندن دور ختم ٿي چڪو آهيپي ڊي ايم جي حڪومت ۾ اسان ان ڪري ڪامياب نه ٿياسين جو اتحادين جو ڌيان خدمت ڪرڻ بدران ذاتي دشمني تي هو،چترال ۾ جلسي کي  خطاب ڪندي هن چيو ته سڄي ملڪ ۾ مهانگائي آهي پر سمورن مسئلن جو حل پيپلزپارٽي جي منشور ۾ آهي، بلاول ڀٽو چيو ته اسان جو ملڪ جنهن طرف وڃي رهيو آهي ان سان مسئلا گهٽ نه ٿيندا، پراڻا سياستدان جنهن طريقي سان سياست ڪري رهيا آهن ان سان عوام جي تڪليفن ۾ اضافو ٿيندو، هي حڪومت ٺاهي پنهنجي ذاتي دشمني پوري ڪرڻ چاهين ٿا، هو حڪومت ۾ اچڻ چاهين ٿا. حڪومت ۽ انتقامي سياست ڪندا آهيون، مون کي پراڻن سياستدانن تي نه پر 70 سالن جي سياست تي اعتراض آهي،هن چيو ته هاڻي ماڻهو پراڻن سياستدانن کي هٽائڻ جو مطالبو ڪن ٿا، اسان کي بزرگن جو احترام ڪرڻ سيکاريو ويو آهي، تنهن ڪري پراڻا سياستدان سياست ڇڏي، گهر يا مدرسي ۾ ويهي دعا ڪن،بلاول ڀٽو چيو ته جيڪڏهن توهان چاهيو ٿا ته آصفه ڀٽو چترال مان اليڪشن وڙهندي ته مان آصفه کي چوندس، آصفه کي چترال جي سيٽ تان اليڪشن وڙهڻ لاءِ قائل ڪندس،هن چيو ته 8 فيبروري 2024ع تي ٿيندڙ عام چونڊن ۾ ڪاميابي کانپوءِ عوامي حڪومت قائم ٿيندي، خيبرپختونخوا جو عوام هاڻي پنهنجي مسئلن جي حل لاءِ پيپلزپارٽي طرف ڏسي رهي آهيهن چيو ته پيپلزپارٽي حڪومت جي پاليسين جي تسلسل ۽ رڪارڊ ترقياتي منصوبن سبب سنڌ صوبي ترقي ڪئي آهي. هن 18 هين آئيني ترميم تي مڪمل عملدرآمد ۽ اين ايف سي ۾ صوبن کي حصو ڏيڻ جو مطالبو ڪيو. هن چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽  شهيد محترمه بينظير ڀٽو پنهنجون جانيون قربان ڪيون پر عوام جي حقن ۽ جمهوريت تي ڪڏهن ٺاهه نه ڪيو. هن چيو ته 8 فيبروري 2024ع جو ڏينهن پيپلزپارٽي جي ڪاميابي کڻي ايندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.