جسم پاران وحدتِ سنڌ مارچ جو اعلان، گرفتاريون ٿيون ته انڊس ۽ نيشنل هاءِ وي بند ڪنداسين: رياض علي چانڊيو

لاڙڪاڻو (ويب ڊيسڪ) جيئي سنڌ محاذ (جسم) جي چيئرمين رياض علي چانڊيو 15 آڪٽوبر تي لاڙڪاڻي ۾ ”وحدتِ سنڌ مارچ“ ڪڍڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. مارچ منجهند 3 وڳي لاهوري محلي ۾ سوئيڪارنو ٽاور کان شروع ٿيندو.
لاڙڪاڻي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي رياض علي چانڊيو چيو ته سنڌ جي پاڻي، قدرتي وسيلن ۽ صوبائي خودمختياريءَ جو تحفظ انتهائي اهم آهي، جڏهن ته نوان انتظامي يونٽ ٺاهڻ جي عمل جي مخالفت ڪئي ويندي.
هن چيو ته سنڌ جي وسيلن ۽ حقن بابت موقف اجاگر ڪرڻ لاءِ پرامن مارچ ڪيو ويندو، جنهن ذريعي سنڌ جي پاڻي، قدرتي وسيلن ۽ صوبائي خودمختياريءَ جي تحفظ لاءِ آواز اٿاريو ويندو.
رياض علي چانڊيو وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن مارچ دوران شرڪت ڪندڙن کي گرفتار ڪيو ويو ته ردعمل ۾ انڊس هاءِ وي ۽ نيشنل هاءِ وي بند ڪرڻ جو قدم کنيو ويندو.
.

You might also like