پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته صوبي مسئلن ۽ ڏکيائين باوجود هاڻي صحيح رخ ۾ سفر شروع ڪري ڇڏيو آهي.
گورنر راڄ لاڳو ٿيڻ کانپوءِ پشاور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته هاڻي وفاق سان گارگند واري سياست نه ٿيندي، پر دليل ۽ اثرائتي ڳالهه ٻولهه ذريعي صوبي جو موقف پيش ڪيو ويندو.
هن چيو ته سندن پاليسي ڪابل، قنڌار يا جلال آباد بدران اسلام آباد مان طئي ٿيندي.
سهيل آفريدي بابت ڳالهائيندي گورنر چيو ته هن وقت سندس اسٽيٽس ”آف لائن“ آهي ۽ هو حفاظتي تحويل ۾ آهي.
سندس چوڻ هو ته جن ماڻهن خلاف ڪو ڪيس نه هوندو، کين آزاد ڪيو ويندو، جڏهن ته ڪيس موجود هجڻ جي صورت ۾ کين قانون کي منهن ڏيڻو پوندو.
هن چيو ته اونداهي ختم ٿي چڪي آهي ۽ هاڻي سفر روشنيءَ ڏانهن جاري آهي. جنگيون رڳو فوجون نه، پر قومون گڏجي وڙهنديون آهن، تنهنڪري پوري قوم سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيهندي.
فيصل ڪريم ڪنڊي اعلان ڪيو ته صوبي ۾ سيڪيورٽي فورسز کي گهربل وسيلا فراهم ڪرڻ لاءِ جنگي بنيادن تي قدم کنيا ويندا ۽ سندن بجيٽ ۾ به واڌائي ويندي.
هن ٻڌايو ته صوبي ۾ انٽرنيٽ بحال ڪرڻ جو عمل شروع ٿي چڪو آهي، جڏهن ته هڪ يا ٻن ڏينهن اندر بند رستا به کوليا ويندا، جنهن کانپوءِ روزمره جون سرگرميون بحال ٿيڻ شروع ٿينديون.
گورنر چيو ته سهيل آفريدي جو ڪنٽينر بي يارو مددگار بيٺل آهي ۽ هو انتظار ڪري رهيو آهي ته ڪو اچي اهو کڻي وڃي.
هن وڌيڪ چيو ته صدر جو قدم سرجريءَ وانگر هو، ڇاڪاڻ ته جڏهن اينٽي بايوٽڪ سان مسئلو حل نه ٿئي ته سرجري ضروري ٿي پوي ٿي. سندس چوڻ هو ته پوليس ڊگهي عرصي کان قربانيون ڏئي رهي آهي ۽ اهلڪارن جون شهادتون ٿي رهيون آهن، تنهنڪري هاڻي ان مسئلي جو مستقل حل ڪڍڻ گهرجي.
سهيل آفريدي جو اسٽيٽس هن وقت ”آف لائن“ آهي، ڪيس نه ٿيو ته آزاد ڪيو ويندو: گورنر ڪي پي
You might also like