ڊربن (ويب ڊيسڪ) آسٽريليا جي چار رڪني بالنگ اٽيڪ ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ اهڙو تاريخي اعزاز حاصل ڪري ورتو آهي، جيڪو ان کان اڳ ڪنهن به ٽيم جي بالرن حاصل نه ڪيو هو.
پيٽ ڪمنز، مچل اسٽارڪ، جوش هيزل ووڊ ۽ نٿن ليون ڏکڻ آفريڪا خلاف ڪنگزميڊ ۾ پهرين ٽيسٽ دوران گڏيل طور 600 وڪيٽن جو سنگ ميل عبور ڪري نئين تاريخ رقم ڪري ڇڏي.
چئني بالرن 38 ٽيسٽ ميچن ۾ گڏيل طور 602 وڪيٽون حاصل ڪيون آهن، جيڪو ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي 149 سالن جي تاريخ ۾ ڪنهن به بالنگ يونٽ طرفان ورتل ڪيل گڏيل وڪيٽن جو سڀ کان وڏو انگ آهي.
فهرست ۾ ٻئي نمبر تي انگلينڊ جا معين علي، جيمز اينڊرسن، اسٽورٽ براڊ ۽ بين اسٽوڪس آهن، جن جون گڏيل وڪيٽون لڳ ڀڳ 430 ڄاڻايون ويون آهن.
ٽئين نمبر تي ڏکڻ آفريڪا جا جيڪيلس، مڪايا اينٽيني، نڪي بوئي ۽ شان پولاڪ آهن، جن گڏيل طور 341 وڪيٽون حاصل ڪيون هيون.
آسٽريليا جي چئني بالرن جي 602 وڪيٽن ۾ پيٽ ڪمنز 158 وڪيٽن سان پهرين نمبر تي آهي، جڏهن ته مچل اسٽارڪ 155 وڪيٽن سان ٻئي، جوش هيزل ووڊ 150 وڪيٽن سان ٽئين ۽ نٿن ليون 139 وڪيٽن سان چوٿين نمبر تي آهي.
You might also like