ڪراچي(رپورٽر) صحت کاتي سان سلهاڙيل سينيئر نرسز ترقي نه ملڻ جي صحت واري وزير کي شڪايت ڪري ڇڏي، صحت واري وزير پاران فوري طور ڊي پي سي ڪرائڻ جي هدايت، نگران صحت واري وزيرڊاڪٽر سعد خالد نيا سان سينيئر نرسز جي وفد ملاقات ڪري گريڊ 17 کان گريڊ 18 ۾ ترقي نه ملڻ جي شڪايت ڪندي چيو ته کاتي جي پروموشن ڪميٽي جي گڏجاڻي 5 ڀيرا رکي وري ڪينسل ڪئي وئي آهي، اها سراسر زيادتي آهي، ان تي صوبائي وزير کين خاطري ڪرائي ته سندن مسئلو حل ڪيو ويندو، ڪنهن به ملازم سان زيادتي ٿيڻ نه ڏني ويندي، ان بعد صوبائي وزير سيڪريٽري صحت کي هدايت ڪئي ته فوري طور تي ڊي پي سي ڪرائي وڃي.