فاطمه ڦرڙو قتل ڪيس، فياض شاهه جي ضمانت واري درخواست رد

سکر(رپورٽر) راڻيپور جي پيرن جي حويلي ۾ تشدد سبب نينگري  فاطمه ڦرڙو جي موت وارو معاملو، سنڌ هاءِ ڪورٽ بينچ سکر فاطمه ڦرڙو قتل  ڪيس جي مک جوبدار فياض شاهه جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي، فاطمه ڦرڙو ڪيس ۾ گرفتار جوابدار پير فياض شاهه جي ضمانت واري درخواست تي سنڌ هاءِ ڪورٽ بينچ ٻڌڻي ڪئي، عدالت وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد نينگري فاطمه ڦرڙو ڪيس جي جوابدار پير فياض شاهه جي ضمانت واري درخواست تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي فياض شاهه جي ضمانت رد ڪري ڇڏي، واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن خيرپور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت به جوابدار فياض شاهه جي ضمانت واري درخواست پڻ رد ڪئي هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.