ملاحن جو عالمي ڏينهن ۽ اسان لاءِ رستا

محمد احسان لغاري

ابراهيم حيدري، ريڙهي ڪراچيءَ کان وٺي ڪشمور تائين ملاحن، مهاڻن، ميربحرن ۽ ميراڻين جا ڪئي واهڻ  ۽ ڳوٺ، ذاتيون۽ پاڙا  ان ڳالهه جو ثبوت آهن ته ماهيگيري سنڌ جي سماج ۾ واهڙن جيان وريل آهي. پاڪستان ۽ سنڌ ۾ ”مڇي مانيءَ“ وارا گهاتو نئين بئراجي نظام، ۽ سمنڊ جي والار جي نتيجي ۾ غريب ترين ۽ ڏتڙيل طبقو ٿي پيا آهن.

21 نومبر تي هر سال سڄي دنيا ماهيگيريءَ جو عالمي ڏينهن ملهائيندي آهي. ان کي ملهائڻ جي اهم مقصدن ۾ هڪ ”مڇي مارڻ جي پائيداري نظام“ لاءِ ڪوششون ڪرڻ، جيئن توازن کان وڌيڪ شڪار نه ٿئي، ٻيو جيڪي ننڍي پئماني تي ملاح/ماهيگير مڇيون ماري پنهنجو گذرسفر ڪندا آهن، انهن جي روزگار  ۽ انساني حقن لاءِ جدوجهد ڪندي مضبوط ڪرڻ، ٽيون مڇيءَ مارڻ وارن طريقن ۽ ان سان لاڳاپيل ماڻهن لاءِ بهتر حالتون پيدا ڪرڻ (ان ۾ ملاحن  جي پنهنجي سماجي حالت مرڪزي حيثيت رکي ٿي)  ۽ غير قانوني  ۽ بنا ڪنهن قاعدي جي ٿيندڙ ۽ اڻ ٻڌايل (چوري) مڇيءَ جي شڪار کي ختم ڪرڻ جا جتن ڪرڻ شامل آهن.

سڄي دنيا ۾ ماهيگير پاڻين تي طاقتور ڌرين جي قبضن، سامونڊي پٽي ۽ ڊيلٽائن ۾ اڏاوتي ڪمن/عمارتن ۽ تڪڙن آباد ٿيندڙ نون شهرن، ماحولياتي پليدي ۽ پاڻي جي گدلاڻ ۽ گهري سمنڊ مان وڏن ٽرالرن جي شڪارن جي ڪري  ۽ بئراجن يا پاڻي کي ورائڻ جي ڪري پنهنجي روزي روٽي وڃائي ويٺا آهن يا وڃائي رهيا آهن!پاڻي دريائن، ڍنڍن، ڍورن ۽ سمنڊ سان ڳنڍيل هڪ سلسلي جو نالو آهي. جيڪڏهن صرف ”مڇي“ جي عنصر کي ڏسنداسين ته پوري عالمي غذائي ضرورتن جو 25 سيڪڙو مڇي مان حاصل ٿئي ٿو. دنيا جا 20 ڪروڙ کان مٿي ماڻهو مڇي مارڻ جي ڪاروبار ۽ ڪرت ۾ سڌي ۽  اڻ سڌي طرح ڪم ڪن ٿا.

پاڪستان ۾ ماهيگيري جو جي ڊي پي ۾ حصو 0.4 سيڪڙي کان به گهٽ آهي. سامونڊي مڇي جي سراسري پيداوار ٽي لک سٺ هزار ٽن ، جڏهن ته مٺي پاڻيءَ واري مڇي جي پيداوار ڏيڍ لک ٽنن کان مٿي آهي. تقريباً چئن لکن ماڻهن جو سڌو سنئون روزگار ماهيگيريءَ سان لاڳاپيل آهي. اڻ سڌي طرح لاڳاپيل ماڻهن جو تعداد ڏهن ۽ ويهن لکن جي وچ ۾ آهي.

1990ع واري ڏهاڪي کان وٺي سامونڊي مڇيءَ جي پيداوار ۾ گهٽتائي آئي آهي. خطرناڪ حد تائين ”وڌيڪ مڇي مارڻ“ جي ڪري مستقبل جي پيداواري صلاحيت کي يقيني ڇيهو رسندو. مڇي مارڻ يا شڪار هاڻ وڌيڪ پئسو ۽ محنت طلب ٿي پيو آهي! انهن حالتن جو اثر ننڍي پئماني تي مڇي ماريندڙ ماهيگيرين تي تمام گهڻو پئجي رهيو آهي! سنڌ جا پاڻي پوءِ اُهي ”منڇر“، ڊيلٽا يا سامونڊ جي صُورت ۾ هجن، انهن جي خراب ٿيندڙ صورتحال، گدلاڻ، پاڻي جي گهٽتائي، وڏن جا قبضا، مجبور ملاحن جا شڪار ڪرڻ جا غير پائيدار ۽ نقصانڪار طريقا، گڏجي سنڌ جي ملاحن  کي اقتصادي ۽ سماجي طور تي جهنجهوڙي وڌو آهي!

جيڪڏهن ملاحن  جي موجوده حالتن ۾ بهتري آڻڻ جو سوچينداسين ته ان ۾ ڪافي ڪم ڪرڻ جي گنجائش موجود آهي. جيڪڏهن پوئين  ويهن سالن جي تحقيقن پلانن ۽ پاليسين کي ڏسنداسين ته انهن ۾ ڪئي اهم ڏس ڏنل هئا، جنهن تي عمل ڪرڻ جي ڪوشش ئي نظر نٿي اچي. پاڻيءَ تي حقن ۽ مڇي مارڻ جي حقن لاءِ پوئين  پنجويهن سالن جي هڪ وڏي جدوجهد نظر اچي ٿي، جنهن ۾ مارشلائي حڪومت سان مهاڏو اَٽڪائڻ، جمهوري حڪومتن کان جائز حق گهرڻ، بين الصوبائي پاڻيءَ جي ورڇ، ٺهيل جُڙيل منڇر کي هٿ وٺي گدلو ڪرڻ، پاڻيءَ جي نڪاسيءَ واري کاٻي ۽ ساڄي پاسي جي سرشتن، ڪوٽڙي کان هيٺ پاڻي ڇڏڻ، ”اُڪي اقتصادي سامونڊي ايراضي ــ ايڪسڪلوزِو اِڪنامڪ زون“ ۾ مڇيءَ مارڻ جي حق مان ننڍن ملاحن  جو تڙڻ، عالمي وڏن ٽرالرن جون ارھ زورايون، سامونڊي زميندارن ۽ ٺيڪيدارن سان جهيڙا، ڪيٽي بندر کان زيرو پوائنٽ تائين رهندڙ بيواهن ماهيگيرين لاءِ پيئڻ جو پاڻي ۽ ٻيون سهولتون جهڙا اهم ڪم شامل آهن. ان ۾ سياسي ۽ سماجي تنظيمن ۽ انسانن جي هڪ جهدِ مسلسل آهي. محترم عارب ملاح کان محترم محمد علي شاهه تائين جائز ويڙهه ڪندڙ ڪئي هزار انسانن جو حصو آهي، جن پاڻ پتوڙيو آهي. سنڌ جي ملاحن  جي مسئلن کي صوبائي، قومي ۽ عالمي سطح تي کڻڻ ۾ سنڌ جي ’سيد ــ ملاح‘ محمد علي شاهه جي خدمتن کي وساري نٿو سگهجي!

مٺي پاڻيءَ جي مڇيءَ جا تلاءُ پوري سنڌ ۾ موجود آهن. واهن، واهڙن، پراڻي آبپاشيءَ جي ڍنڍن، سيلابي زمينن ۽ هيٺاهين وارين هنڌن ۾ ڪچي، پڪي ۾ ڏسڻ ۾ ايندا. ملاحن کان نڪري وڏن زميندارن جي دسترس ۾ ايندڙ ڪيئي ڍنڍون، ڪنڀ، قدرتي وهڪرا، ٻنن ۾ بند ڪري تلاءُ پڻ ٺاهيا ويا آهن. تان جو جتي بظاهر آبپاشيءَ جي اڻاٺ آهي ته اُتي به مڇي جا تلاءُ هجڻ ۽ ڪن حالتن ۾ واهن جي اسڪيپن جو کلڻ جڏهن پڇڙيءَ ۾ پاڻيءَ جي بوند نه هجي،  پاڻيءَ جي ورڇ ۽ پاڻي تي ڪنٽرول جي نون پهلوئن کي واضح ڪري ٿي!

مڇيءَ جي فارمنگ آبي زراعت جو هڪ قسم آهي، جنهن کي اَڪوا ڪلچر چون ٿا. هي هڪ اهم شعبو آهي، جنهن تي گهڻي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. جيڪڏهن سامونڊي ’آبي زراعت‘ جو جائزو وٺنداسين ته ان ۾ ڪا گهڻي ترقي نظر نه ايندي، پر هاڻ هوا جو رُخ بدلجي رهيو آهي. ساحلي علائقي ۾ ڪجهه ڪارپوريٽ ادارا ۽ ڪاروباري ماڻهو گهانگهٽ، جهينگن جا فارم اڏي رهيا آهن. ان پوري اڪوا ڪلچر کي سائنسي ۽ سماجي بنياد تي وڌائڻ جي ضرورت آهي. ان ۾ خانگي- سرڪاري ادارن جو ميلاپ، ملاحن  کي ان نظام ۾ بهتر تربيت ۽ حالتن سان ڳنڍڻ (ته جيئن انهن جو استحصال نه ٿئي، بلڪه انهن جي سماجي ۽ اقتصادي حالت بهتر ٿئي.

جولاءِ 2003ع جي آخر ۾ ايندڙ طوفاني برسات بدين ۽ ٺٽي کي ٻوڙي ڇڏيو هو؛ سامونڊي ويرن چاڙهه ، ڊرينن جي ٽُٽڻ ڪري بيٺل فصل ٻوڙي ڇڏيا هئا. وڏو جاني  ۽ مالي نقصان ٿيو هو. ملاحن کي ته نقصانن جا انبار سهڻا پيا هئا. مون کي ياد آهي ته هڪ ننڍڙي آبادگار جا ٽي ايڪڙ بلڪل ٻڏي ويا ۽ بيٺل فصل ختم ٿي ويو، پر پوءِ جڏهن هن پنهنجي ٻني کي جانچيو ته ان ۾ جهينگا ئي جهينگا هئا، جن کي ٽين جي ڊٻن ۾ ڀري هن پنهنجي بيٺل فصل کان به ٻيڻو ڪمايو! مقصد اِهو آهي ته جيڪڏهن غريب ملاحن  جي شموليت کي يقيني بڻائيندي ’آبي زراعت‘ جي ڪم کي وڌائبو ته ڪافي اقتصادي لاڀ وٺي سگهجن ٿا. ڪجهه محنت ڪري ان ڏس ۾ گهڻو اڳتي نڪري سگهجي ٿو.

مڇي مارڻ کان وٺي، مارڪيٽ تائين پهچائڻ، وري مقامي يا عالمي سطح تي موڪلڻ تائين وارن مرحلن ۾ اسان تمام پوئتي پيل آهيون. جهڙي نموني ميوي يا فصل جي لاڀ/لاباري کانپوءِ ڪافي حصو زيان ٿئي ٿو، ساڳئي نموني ماهيگيريءَ ۾ پڻ زيان گهڻو آهي. ان جي ڪري معيار پڻ ڪِري پوي ٿو ۽ قيمت گهٽ ملي ٿي. اسان وٽ معياري ضابطا ۽ پوري پراسيسنگ وارو عمل غير سائنسي  ۽ پراڻي نموني ٿئي ٿو، جنهن ۾ تربيت، ٽيڪنالاجي، اڏاوت ۽ ٽرانسپورٽ وارن مرحلن کي گهڻو بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي.

2011ع واري برساتي ٻوڏن ۾ جڏهن شهيد بينظير آباد کان بدين تائين سنڌ ٻڏل هئي۽ ڊسمبر تائين پاڻي پئي نڪتو، تڏهن غريبن لاءِ مڇي هڪ اهم پروٽين جو ذريعو ٿي پئي هئي. پاڻين ۾ مڇي جا هزارين مڻ شڪار ٿيا هئا. جيڪڏهن سامونڊي يا مٺي پاڻيءَ جي ’آبي زراعت‘ کي وڌائبو ته ان غريب ترين ۽ ڏتڙيل علائقي جي خاص ڪري ٻارن ۽ عورتن لاءِ پروٽين ۽ خوراڪ جا موقعا وڌي سگهن ٿا.

ملاحن  لاءِ، جن وٽ گهڻو ڪري پنهنجي زمين وارا گهر نه آهن، تن کي 2022ع واري ٻوڏ جي نتيجي ۾ ٺهندڙ گهرن وانگيان، (جنهن ۾ غريبن کي زمين جي مالڪي ڏني پئي وڃي) ڪو سروي ڪرائي خاص ڪري سامونڊي پٽي ۾ رهندڙ ملاحن  کي زمين جي مالڪي ۽ گهر ٺهرائي ڏنا وڃن. انهن تائين پهچڻ جا رستا ڀڳل آهن يا نه آهن! انهن وٽ اسپتالون ۽ اسڪول بنهه نه آهن، انهن سڀني اهم مسئلن کي هڪ مربوط طريقي سان حل ڪرڻ جي ضرورت آهي.

پائيدار ماهيگيري نه صرف هڪ بهتر سماجي حالت لاءِ ضروري آهي، پر اها ماحول، پاڻي، ڏکين حالتن ۾ وڌيل سهپ ۽ فعال زندگيءَ لاءِ پڻ هاڻ اڻٽر آهي. ڊيلٽا ۾ پاڻي، دريائي پاڻي جو هجڻ، تمر جي وڻن جي واڌ، مڇي، ٻين حيوانيات ۽ نباتات جي موجودگيءَ کانسواءِ جيڪڏهن ڪو ترقي جي ڳالهه ڪري ٿو، پيداوار ۽  بهتريءَ جو درس ڏي ٿو ته پڪ سمجهو ته ڪوڙ  ۽ بغض جي بنياد تي ڳالهائي رهيو آهي. جڏهن به ڊيلٽا ۽ سمنڊ ۾ ڪرندڙ لَٽ ۽ پاڻي کي ڪو ڪتاب، ڪا تحقيق يا ڪو سياسي يا ٽيڪنيڪل فرد ’زيان‘ ڪوٺي ته سمجهڻ کپي ته هُو پائيداري ۽ بهتر زندگي جي راھ ۾ رڪاوٽ آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.