دنيا ھن وقت تائين فلسطين جي زمين تي جاري رتوڇاڻ کي بند ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي نھ سگھي آھي.جيتوڻيڪ دنيا جا ڪافي ملڪ ان کي روڪرائڻ جي سفارتي ڪوشش ڪن پيا پر مسلمان ملڪن جي اڪثريت ڪنھن گڏيل راءِ تي پھچي نھ سگھي آھي. تازو او آءِ سي ۽عرب ليگ جو ٿيل اھم اجلاس پڻ ان معاملي تي ڪنھن نتيجي تي نھ پھتو آھي.
ھن وقت جي خبر ھي آھي تھ ڪجھھ مسلمان ملڪن جي وزيرن چين جو دورو ڪيو آھي جتي انھن غزا جي معاملي تي ڳالهھ ٻول ڪئي آھي. شايد چين ان سلسلي ۾ سفارتي ڪوششن ۾ رڌل آھي.
اسرائيلي جارحيت 46 هين ڏينهن به جاري آهي، عالمي جنگي قانونن جي ڀڃڪڙي ڪندي اسرائيلي فوج شهرين جي رهائشي علائقن، پناهگير ڪيمپن، اسڪولن، اسپتالن ۽ عبادت گاهه کي به نه بخشيو آھي، انڌاڌنڌ حملن ۾ 4 مسجدون به شھيد ٿي ويون آھن. 7 آڪٽوبر کان 19 نومبر تائين اسرائيلي حملن ۾ شهيد ٿيندڙ فلسطينين جو انگ 13 هزار تائين پهچي ويو آهي
سعودي عرب سميت ڪجھھ اسلامي ملڪن جي وزيرن غزا ۾ فوري جنگ بندي جو مطالبو ڪيو آھي اھا نئين ڪوشش سعودي عرب ۽ ٻين اسلامي ملڪن جي وزيرن ڪئي آھي.جيڪي ھن وقت چين جي راڄڌاني بيجنگ جي دوري تي پھتل آھن.
اھا ڳالهھ عرب ميڊيا پاران ڄاڻائي وئي آھي. جنھن موجب مسلمان ملڪن جي وزيرن جو اتي ھڪ اجلاس ٿيو آھي.جنھن ۾اسرائيلي جارحيت کي روڪڻ ۽ انساني امداد جي بحالي جي سلسلي ۾ ڪوشش ڪئي پئي وڃي. وزيرن غزا ۾ فوري طور تي جنگ بندي جو مطالبو ڪيو آھي.
وزارتي وفد گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي مستقل ميمبرن جي عهديدارن سان به ملاقات ڪندو ۽ جئين اولهه تي زور وڌو وڃي تھ اهو اسرائيل جي ان موقف کي رد ڪري جنھن ۾ ھو عزا تي حملي کي پنهنجو دفاع قرار ڏئي رھيو آھي.
چين جي اعليٰ سفارتڪار سان ملاقات ڪندڙن ۾ سعودي عرب، اردن، مصر، انڊونيشيا ۽ فلسطين جا وزير ۽ او آءِ سي جا ٻيا عملدار به شامل آھن. اھڙي ھي پھرين ڪوشش آھي.
ھن کان اڳ هلندڙ مهيني غزا جي مسئلي تي سعودي عرب جي راڄڌاني رياض ۾ اسلامي عرب سربراهه اجلاس ٿيو هو. جنهن ۾ انصاف جي عالمي عدالت تي زور ڏنو ويو هو ته اھا غزا ۾ انسانيت خلاف جنگي ڏوهن جي جاچ ڪري.ان کانسواءِ سعودي عرب اسرائيلي جارحيت کي روڪڻ لاءِ آمريڪا ۽ اسرائيل تي دٻاءُ وڌائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.
ھن سلسلي ۾ سعودي عرب جي شهر رياض ۾ ٿيل تاريخي اجلاس جي پڄاڻي تي اسلامي تعاون تنظيم جي 57 ميمبر ملڪن جا اڳواڻ اسرائيل خلاف ڪنهن به عملي قدم کڻڻ تي اتفاق نه ڪري سگهيا. جيتوڻيڪ اجلاس ۾ اسرائيل خلاف مختلف قسم جي قدمن بابت تجويزون پيش ڪيون ويون ھيون.ايران پاران سڀ کان وڌيڪ انتهائي سخت تجويز سامھون آئي ھئي. جنهن ۾ سڀني ميمبر ملڪن کان مطالبو ڪيو ويو ته اسرائيلي فوج کي ‘دهشتگرد’ قرار ڏنو وڃي.شام جي صدر بشار الاسد جي تجويز ھئي تھ اسرائيل سان سفارتي لاڳاپا ختم ڪيا وڃن.
اجلاس جي آخري وقت ۾ عرب ليگ ۽ اسلامي تعاون تنظيم جي اڳواڻن جي گڏيل اجلاس جي طور تي متعارف ڪرايو ويو. مسلمان ۽ عرب ملڪن جي وچ ۾ مفادن جو ٽڪراءُ ھن اجلاس ۾ ظاھر ٿي رھيو ھو.جيڪي عام طور تي دنيا جي مسلمان آبادي وارا ملڪ آھن.هڪ نمائندي تنظيم جي حيثيت ۾ اهي متحد نظر اچن ٿا، پر عملي ڪمن جي ڳالهه اچي ٿي، هر ڪنهن جي اوليت مختلف ھوندي آھي.
اسرائيل جي مخالفت ڪندڙ ڪجهه ملڪن کي شايد اها اميد هئي ته ھن نازڪ حالتن ۾ اجلاس ۾ايران ۽ ترڪي جي موجودگي ۾ ڪي عملي قدم کڻڻ جي لاءِ اھڙي مخالفت ڪندڙ ملڪن تي دٻاءُ وجهڻ جو هڪ بهتر موقعو آهي.پر ان جو ڪو بھ کڙ تيل نھ نڪري سگھيو.
عرب سفارتڪارن، ميڊيا کي ٻڌايو ته لبنان ۽ الجزائر اسرائيل کي تيل جي سپلاءِ بند ڪرڻ جي عرب ليگ کي تجويز ڏني، جنهن جي گڏيل عرب امارات ۽ بحرين مخالفت ڪئي.ڇنڇر جي اجلاس ۾ رياستن جي سربراهن جي ڪيترن ئي ڪلاڪن جي سرڪاري تقريرن ۽ حتمي بيانن جي اشاعت ۾ ٿوري دير کانپوءِ آخرڪار اهو واضح ٿي ويو ته اسلامي تعاون تنظيم جي اجلاس ۾ اسرائيل خلاف گڏيل ڪارروائي تي ڪو به اتفاق نه ٿيو آهي.ٻئي طرف دنيا جي 57 وڏي آبادي وارن ملڪن جي اڳواڻن هڪ درخواست پيش ڪئي ته اسرائيل جي "جارحيت” روڪڻ لاءِ سلامتي ڪائونسل ۾ هڪ قرارداد منظورٿيڻ گھرجي پر شايد ان تي بھ عمل جي ڪا اميد نھ آھي.
هينئر تائين، آمريڪا روس ۽ برازيل جهڙن ملڪن پاران پيش ڪيل تمام گهڻيون نرمي واري قراردادن کي رد ڪري چڪو آهي. جن ۾ اسرائيل کي نرم سفارتي جنگبندي يا انسانيت جي بنياد تي جنگبندي جو مطالبو ڪيو ويو ھو.
اسرائيل يرغمالين کي آزاد ڪرڻ تائين فوجي ڪارروائي بند نه ڪرڻ جو موقف رکيو آھي. آمريڪي حڪومت بھ ان جي اصولي حمايت ڪري رھيو آھي ۽ ان حوالي سان اسرائيل کي پابند ڪرڻ واري ڪنهن به قرارداد کي ويٽو جو ھٿيار بھ موجود آھي.
دنيا ۾ مالدار ۽ شاھوڪار ھئڻ باوجود جڏھن مسلمان ملڪ گڏ نٿا ٿي سگھن تھ انھن جي طاقت ورھائجي ٿي وڃي ۽ انڪري اھي ٻين ملڪن ھٿان بيلڪ ميل ٿين ٿا. عرب ۽ مسلمان ملڪن جي رياض واري اجلاس ۾ اھو ثابت ٿي ويو تھ اھي پاڻ ۾ گھڻن ئي اختلافن جو شڪار آھن، ان ڪري مسلمانن جو رت سستو ٿي ويو آھي.