جنرل فيض حميد آرمي چيف بڻجڻ لاءِ انٽيليجنس کي استعمال پئي ڪيو: زلفي بخاري

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ زلفي بخاري چيو آهي ته ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته جنرل فيض حميد آرمي چيف ٿيڻ چاهي  پيو ان ڪري هو انفارميشن يا انٽيليجنس کي پنهنجي فائدي لاءِ استعمال ڪري رهيو هو.

پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جيل ۾ هجڻ سبب پارٽي جي چونڊ مهم کي آسان بڻائي ڇڏيو آهي.هڪ خانگي چينل تي ٽاڪ شو دوران پي ٽي آءِ اڳواڻ زلفي بخاري چيو ته چونڊن ۾ دير جو عذر پيش ڪيو پيو وڃي، خاص طور تي خيبرپختونخواهه ۾ موسم خراب ٿيڻ جو عذر پيش ڪيو پيو وڃي، اليڪشن ۾ اسان کي جنهن طريقي سان روڪيو پيو وڃي اهو سڀني جي سامهون آهي.

پابندي مڙهيل پارٽين کي به جلسا ڪرڻ جي اجازت آهي پر اسان کي نه زلفي بخاري پارٽي ڇڏڻ وارن اڳواڻن بابت چيو ته ڪو به پنهنجي مرضي سان پارٽي نه ٿو ڇڏي.

علي اعواڻ جو ڀاءُ ٻن مهينن کان جيل ۾ هو، علي اعواڻ پاڻ کي 10 ڏينهن لاءِ اغوا ڪيو ويو هو، ان ڪري اميد هئي ته هو به اچي پريس ڪانفرنس ڪندو ۽ عليحدگي جو اعلان ڪندو

.اسان جي ڪڏهن به اسٽيبلشمينٽ يا فوج سان ويڙهه نه هئي، اسان جي ويڙهه اسٽيبلشمينٽ سان نه هئي پر جنگ ٻن اهم عهدن تي هئي، هڪ آرمي چيف ۽ ٻيو وزيراعظم. انهن ٻن پوزيشن جي وچ ۾ ويڙهه جو سبب بي اعتمادي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.