سنڌ ۾ حڪومت بھ آھي،عدالتون بھ آھن،ٿاڻا بھ آھن ۽ انھن کي ھلائڻ جي لاءِ عملو ۽ انتظاميھ پڻ آھي ان ھوندي به عام ماڻھو کي انصاف نٿو ملي.بظاھر جيڪا صورت آھي ان مان تھ ائين لڳي ٿو تھ ڪنھن کي بھ نھ ٿاڻي جو ڊپ آھي، نھ حڪومت جي پرواھ آھي ۽ نھ ئي ڪو قانون جو احترام آھي.ان ڪري ئي بي موت ماڻھون مرن ٿا ۽ قانون ڪا حرڪت نٿو ڪري. پوليس آرام ۾ آھي ۽ حڪومت جي انتظاميھ تھ ڪٿي نظر ئي نٿي اچي.
حيدرآباد ۾ هڪ زميندار جي بنگلي تي ڪم ڪندڙ ھڪ نينگر پراسرار نموني فوت ٿي ويو آھي. بنگلي جي مالڪ نينگر جي موت کي خودڪشي قرار ڏئي ڇڏيو وارثن نينگر جي قتل جو شڪ ظاهر ڪيو آهي. بنگلي جو مالڪ زميندار نينگر جو لاش وارثن حوالي ڪرڻ بعد بنگلي کي تالا هڻي فرار ٿي ويو آهي.اھو واقعو قاسم آباد جي شيدي ڳوٺ ڀرسان نوشهروفيروز واسي زميندار برڪت ڀرٽ جي بنگلي تي ٿيو آھي. جتي ڪم ڪندڙ 12 ورهين جوميهڙ واسي راشد کوسو جو موت ڳجھارت بڻجي ويو آھي.زميندار اھو لاش کڻائي ميهڙ ۾ وارثن حوالي ڪيو. جنهن کانپوءِ نينگر راشد جو والد غلام رسول کوسو ۽ ٻيا وارث لاش کڻي واپس حيدرآباد آيا ۽ نسيم نگر ٿاڻي پهتا.پوليس وارثن جي بيان بعد لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم ڪرائي لاش وارثن حوالي ڪيو.
فوتي نينگر جي وارثن پوليس کي بيان ڏنو آھي تھ سندن نينگر کي تشدد ڪري قتل ڪيو ويو آھي. هنن چيو ته نينگر کي گهٽا ڏئي قتل ڪيو ويو ۽ تشدد جا نشان جسم تي موجود آهن،جنھن بعد زميندار قتل کي لڪائڻ لاءِ نينگر جي ڳچي ۾ ڦاھو وجهي واقعي کي آپگهات جو رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.پوليس موجب واقعي ۾ ملوث ڄاڻايل زميندار کي گرفتار ڪرڻ لاءِ بنگلي تي ڇاپو هنيو ويو، اھو بند آھي. پاڙيسرين موجب مالڪ گهر کي تالا هڻي ٻارين ٻچين ڪيڏانهن نڪري ويا آهن.پوليس گهر ٻاهران اھلڪار مقرر ڪيا آھن.زميندار جا فون نمبر به بند آهن.پوليس موجب وارث ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ ناهن پهتا، ڪيس داخل ٿيڻ کانپوءِ وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي.
ھي ان قسم جو ڪو پھريون واقعو نھ آھي.اڳ بھ اھڙا واقعا ٿيندا رھيا آھن،ڪجھھ ڏينھن اڳ ڪراچي ۾ گھر ۾ ڪم ڪندڙ پورھيت بھ ساڳي ريت فوت ٿي ويو ھو.اھڙا واقعا وڌي ويا آھن يا اھي وڌيڪ رپورٽ ٿي رھيا آھن، پر اصل ڳالھھ ھي آھي تھ ان معاملي ۾ غربت سبب مائٽ ڪجھھ پئسن جي لالچ ۾ نابالغ ٻارن کي نوڪري جي لاءِ موڪلين ٿا ۽ ان بعد انھن جي پوري سار سنڀال نٿا لھن.سماج ۾ اھڙا واقعا ڪنھن الميي کان گھٽ نھ آھن،ھڪ ئي وقت حڪومت مائٽن ۽ سماج جي اسٽيڪ ھولڊرز کي ھن نازڪ معاملي ڏانھن ڌيان ڏيندي اھڙي نوعيت جي ڪيسن کي روڪڻ لاءِ اڳتي اچن. اھڙن واقعن جي ڏوھارين کي قرار واقعي سزا ملڻ سان ئي انھن کي روڪڻ ۾ مدد ملي سگھي ٿي.
اميد تھ حڪومت ھن معاملي ڏانھن خاص ڌيان ڏئي ڪري معصوم نينگر جي موت واري ڳجھارت حل ڪرڻ ۾ مدد ڪندي ۽ ان ۾ ملوث ڏوھي کي سزا ڏيارڻ ۾ ڪا ڪسر نھ ڇڏيندي.
ڀاڻ جو بليڪ تي وڪرو؛ دانھن تي سرڪار ڌيان نه ڌريو
سنڌ جي 80 سيڪڙو آبادي زراعت سان لاڳاپيل آھن، پر انھن کي گھربل سھولتون نٿيون ملن.ھن وقت بھ لڳ ڀڳ سموري سنڌ ۾ ماڻھون ڀاڻ جي کوٽ ۽ بليڪ مارڪيٽنگ جي دانھن ڪري رھيا آھن. ان سلسلي ۾ وقت بوقت اھي ھاري ناري ۽ آبادگار احتجاج پڻ ڪن ٿا پر حڪومت ۽ ان سان لاڳاپيل ادارا انھن جي ھڪ بھ ٻڌڻ لاءِ تيار نھ آھن.ڪافي وقت کان زراعت سان لاڳاپيل ماڻھون دانھون ڪري رھيا آھن تھ انھن کي ڀاڻ،ٻج ۽ زرعي دوائون مارڪيٽ جي مقرر اگھھ کان وڌيڪ تي ملي رھيون آھن.جنھن ۾ حڪومت سان تعلق رکندڙ ڌرين سان گڏ واپارين ۽ مقامي بااثر ڌرين جو ھٿ آھي. ائين بھ نھ آھي تھ اھو معاملو ڪو نئون آھي يا ان کان سرڪاري اختياريون ڪي اڻ واقف آھن پر اھي بھ ھن مسئلي کي مستقل حل ڪرڻ جي لاءِ ڪو بھ قدم کڻڻ جي لاءِ تيار نھ آھن.
خيرپور جي اٽڪل سمورن تعلقن سان تعلق رکندڙ ھارين ۽ زميندارن شڪايت ڪئي آھي تھ اتي ھٿ سان ڀان لڪائي ڪري ان جا اگھه وڌيا ويا آھن،جيڪو سڌي ريت زرعي شعبي سان واڳيل ماڻھن کي بليڪ ميل ڪرڻ جو ھڪ طريقو آھي.خيرپور جي شھرن سيٺارجا، ڏيپارجا،سوئي گئس،پير وسڻ،بوزدار وڏا، ٺري مير واھ ۽ ٻين شھرن ۾ واپارين ڀاڻ جو ذخيرو ڪري اھو لڪائي ڇڏيو آھي، ان سان گڏ واپارين پڻ گودام ڀري ڇڏيا آھن، جنھن ڪري مارڪيٽ ۾ ڀاڻ جي کوٽ پيدا ٿي پئي آھي، ڪڻڪ جي پوکي جاري آھي جنھن ڪري ماڻھن کي ڀاڻ جي گھڻي ضرورت آھي اھو سوچي ڪري واپارين ڀاڻ جا اگھھ وڌائي ڇڏيا آھن.
آبادگارن جو چوڻ آھي تھ ھنن کي مارڪيٽ جي مقرر اگهھ کان ڀاڻ ٽي ھزار رپيا وڌيڪ مھانگو ملي رھيو آھي.جنھن ۾ واپارين سان گڏ حڪومتي اختياريون بھ شامل آھن.ساڳي صورتحال سنڌ جي ٻين شھرن ۾ پڻ آھي، وارھ ۾ بھ شھرين اھري ظلم خلاف احتجاج ڪيو آھي. پر حڪومت انھن جي دانھن ٻڌڻ يا ان سلسلي ۾ ڪو اھڙو اثرائتو قدم کڻڻ جي لاءِتيار نھ آھي جنھن جو عملي طور ڪو نتيجو نڪري ۽ ان سان عام ھاري ناري کي ڪو فائدو پھچي سگھي.اھا حقيقت آھي تھ سنڌ ھڪ زرعي صوبو آھي جتي آباديءَ جو ھڪ وڏو حصو زراعت سان واڳيل آھي ان ھوندي بھ ھي شعبي ھر سطح تي نظرانداز ٿي رھيو آھي،جنھن جو اثر سموري معاشي اسٽرڪچر تي پئجي رھيو آھي.سنڌ جي عام ماڻھو جون سموريون خوشيون ۽ غميون پڻ زراعت سان ڳنڊيل آھن.پر ھن اھم پاسي ڏانھن ڪو بھ ڌيان نٿو ڏنو وڃي.
مھانگائي جي ھن دور ۾ ھڪ ھاري يا زمنيدار جي کيڙي،ٻج،پاڻي،ڀاڻ ۽ ٻين خرچن جي ڪري ھاڻي ھر فصل في ايڪڙ لاڳت ايتري اچي رھي آھي جو ان مان پورائو ڪرڻ ۽ حياتيءَ جو گاڏو ھلائڻ گھڻو ڏکيو ٿي ويو آھي.