بدين ۾ به ثفافتي رنگ، سنڌ مان ڪرپشن جي خاتمي لاءِ جدوجهد جو عزم

بدين(رپورٽ: رازق ڏنو کوسو) بدين ۾ به ثقافتي رنگ نکري نروار ٿي پيا سنڌي اجرڪون ٽوپيون پائي پٽڪا ٻڌي سنڌ سان محبت جا وچن ورجايا ويا عوامي آواز ميڊيا گروپ جي سڏ تي الله والا چوڪ کان ايوان صحافت تائين نڪرندڙ ريلي ۾ وڏا ننڍا نوجوان بزرگ شامل قومي ثقافتي گيتن تي ڊانسون ڪيون ويون، ايوان صحافت بدين اڳيان سجايل اسٽيج تي لاڙ جي فنڪارن سنڌ جا قومي گيت ٻڌائي ريلي سان گڏ پهتل ماڻهن کي جهومڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو سياسي پارٽين جي جهنڊن هيٺ آسمان جي تارن جيان چمڪندڙ سنڌين سنڌ سان محبت جو مثال قائم ڪندي پنهنجي ثقافت کي اجاگر ڪري تاريخي مثال قائم ڪري ڇڏيو 7 ڊسمبر جو نڪرندڙ سج سنڌين لاءِ نيون خوشيون کڻي ڪارآمد ثابت ٿي پيو صبح ٿيندي ئي شھر جي مرڪز قاضياه واھ پل ڀرسان نيشنل اسڪول اينڊ ڪاليج جي بلڊنگ تان 60 فوٽ اجرڪ وارو جھنڊو لهرائي ثقافت جي شروعات ڪئي وئي اجرڪ جو جهنڊو ڦڙڪائڻ دوران گلاب جا گل نڇاور ڪري شهرين مسافرن کي مٺائي کارائي وئي، مختلف شهرن کان سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن مختلف جماعتن سان تعلق رکندڙن ۽ شهرين طرفان ريليون ڪڍي ميڊيا طرفان رکيل ريلي الا والا چوڪ وٽ پهتا جتان هڪ شاندار ريلي هزارين ماڻهن جي اڳواڻي ۾ نڪتي رستي ۾ شهرين گلن جون ورکائون ڪيون ۽ ميڊيا اڳواڻن کي اجرڪن لنگين جا تحفا پيش ڪيا ريلي شھر جي مختلف روڊن کان ٿيندي بدين پريس ڪلب ۽ ايوان صحافت پھتي ته جلسي عام تبديل ٿي وئي جتي سجايل اسٽيج تي ريلي ۾ شرڪت ڪندڙن طرفان تقريرون پڻ ڪيون ويون ريلي ۾ پيپلز پارٽي جي اڳواڻن محمد انور ملاح پي پي ڪلچرل ونگ جي ضلع جنرل سيڪريٽري رئيس عاشق گوپانگ، سنڌ ترقي پسند پارٽي جي ضلع صدر شاھنواز سيال، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي نائب صدر امير حسن آزاد پنهور جسقم امير بخش سومرو اياز جوڻيجو صابر راھمون، نشات تنظيم جماعت لنواري شريف جي فتح ﷲ جوڻيجو عبدال فتح جوڻيجو جسقم نياز ڪالاڻي جي جاويد چانگ، قومي عوامي تحريڪ جو عبدالله چانڊيو، ، فشر فوڪ فورم جي عمر ملاح قاسم ٻچو سچوا جي حاجي مراد چانڊيو لاڙ سجاڳ جي سيد زين شاه سياسي سماجي اڳواڻ پروفيسر عبدالله ملاح موٽر سائيڪل شوروم جي محمد حسن اپي ميمڻ مرتضي نديم مغل سومرا اتحاد جي حاجي عبدالستار سومرو ، محمد صديق سومرو الهورايو سومرو سميت مختلف برادرين سماجي اڳواڻن سميت واپارين ۽شھرين شرڪت ڪئي ايوان صحافت بدين اڳيان رکيل تقريب دوران سينئر صحافين لالا هارون گوپانگ عوامي آواز ميڊيا گروپ جي رازق ڏنو کوسو اختر علي کوسو تنوير احمد آرائين مصطفي جمالي ۽ ٻين ثقافتي ريلي ۾ شرڪت ڪندڙن کي ڀليڪار ڪندي سڀني جا ٿورا مڃيا، جڏھن ته مک تقريب ۾ آڳواڻن ميڊيا جا ٿورا مڃيندي چيو ته هر سال هو هن ڏينهن تي سمورن سنڌين کي ثقافتي ڏهاڙو ملهائڻ لاءِ گڏ ڪن ٿا جڏهن ته هي سنڌي ثقافتي ڏهاڙو اسان هر سال وڏي جوش ۽ جذبي سان پنهنجي قومي عيد سمجهي ملهائيندا آهيون سنڌ خلاف سازشون ڪندي سڄي سال سازش ڪندا رهن ٿا پر هن هڪڙي ڏينهن تي کين ڪروڙين سنڌين گڏ ٿي سندن سازشن کي ناڪام بڻايو ڇڏين جڏهن ته تقريب ۾ لاڙ جي نالي وارن فنڪار استاد الھڏنو جوڻيجو، امتياز سميجو، ستار جوکيو، بالاچ حيدري، عبدالله آڪاش، عابد انصاري، پيارعلي جمالي، خالد تارڙ بانسري نواز قومي گيت پيش ڪيا اهڙي طرح ، سڄو ڏينھن ايڪتا ڏهاڙي جي مناسبت سان ريلين جي نڪرڻ جو سلسلو جاري رھيو، فشر فوڪ فورم جي محمد عمر ملاح ، قاسم ٻچو ، شفيح دل ۔ شاھد جوکيو ، نيشنل اسڪول جي پريسپال طاھر حسين شاھ شرڪت ڪئي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.