ملير (رپورٽ: جميل چانڊيو) ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ملير پاران ثقافتي رنگارنگ تقريب منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ ملير جي مختلف علائقن مان سياسي سماجي اڳواڻن ۽ ملير واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي جڏهن ته تقريب ۾ ناليوارن فنڪارن فن جو مظاهرو ڪري ثقافتي تقريب کي چار چنڊ لڳايا، قومي گيتن تي نوجوانن پاران جهمريون هنيون، تقريب ۾ جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي، ڊپٽي ميئر ڪراچي سلمان عبدالله مراد، صوبائي وزير شاهينا شير علي، ايم پي ايز راجا عبدالرزاق بلوچ، يوسف مرتضيٰ بلوچ، ٽائون چيئرمينز نظير احمد ڀٽو ۽ جان محمد بلوچ، پي ٽي آءِ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر مسرور سيال، پ پ ملير جي جنرل سيڪريٽري امداد جوکيو، مارڪيٽ ڪميٽي جي چيئرمين علي زمان جوکيو، علي احمد جوکيو، ملير جيل سپريڊنٽ فهيم انور ميمڻ، قومي عوامي تحريڪ جي اشفاق چنڙ، ايس ٽي پي اڳواڻ خير محمد مگسي، ايس اين پي اڳواڻ امير قمبراڻي، ايس يو پي اڳواڻ منظور ابڙو، ساس اڳواڻ اصغر باغي، عرفان عباسي، سنڌ جرنلسٽ ڪائونسل جي اڳواڻ غازي جهنڊير، حميد سومرو، سليم جهنڊير، فياض يونس، آغا طارق پٺاڻ سميت مختلف سياسي سماجي تنظيمن جا اڳواڻ شريڪ هئا، تقريب کي خطاب ڪندي جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي چيو ته سنڌ کي ڪا به طاقت ٽوڙي نٿي سگهي سنڌ اسان لاءِ اول ۽ آخر آهي، سنڌ هزارين سال جي تهذيب رکندڙ ڌرتي آهي، سنڌ صوفين ۽ درويشن جي ڌرتي آهي جن هميشه امن جو پيغام ڏنو آهي، اسان جي امن واري پيغام کي ڪمزوري نه سمجهي وڃي، صنعان خان قريشي چيو ته آئون ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ رهندڙ سمورن سنڌين کي ثقافتي عيد جون واڌايون ڏيان ٿو، سنڌ جي ماڻهن پنهنجي ثقافت سان محبت جو اظهار سنڌ سميت پوري دنيا ۾ ڪري سنڌ دشمن ڌرين کي پيغام ڏنو آهي ته اسين سڀ هڪ آهيون، اسان جو جيئڻ مرڻ سنڌ سان آهي، تقريب کي ڊپٽي ميئر ڪراچي سلمان عبدالله مراد خطاب ڪندي سنڌ امن پيار ۽ ڀائيچاري جي ڌرتي آهي، اسان کي سنڌي ثقافت تي ناز آهي، ثقافتي ڏهاڙي تي پوري سنڌي قوم کي مبارڪون ڏيان ٿو، سنڌي ميڊيا پاران ثقافتي ڏهاڙو ملهائڻ سان ملير سميت سموري ڪراچي اجرڪن، ٽوپين ۽ لنگين سان جرڪي اٿي آهي، سنڌ جي وحدت خلاف ڳالهائيندڙ هوش کان ڪم وٺن، ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ملير جي صدر حنيف سومرو خطاب ڪندي چيو ته ملير پريس ڪلب پنهنجي روايتن کي برقرار رکندي پنهنجي ثقافت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ هر سال ملير واسين لاءِ ثقافتي ميڙاڪو ڪوٺائيندو آهي، تقريب کي عورتن جي ڀلائي واري کاتي جي صوبائي وزير شاهينا شير علي، ايم پي ايز راجا عبدالرزاق بلوچ، يوسف مرتضيٰ بلوچ، ٽائون چيئرمين نظير احمد ڀٽو، پي ٽي آءِ اڳواڻ ڊاڪٽر مسرور سيال ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو جڏهن ته ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ملير پاران تقريب ۾ آيل مهمانن کي اجرڪ ۽ لنگين جا تحفا ڏنا ويا.