ٽنڊي الهيار کان حيدرآباد تائين پيپلز بس سروس شروع ڪرڻ جو اعلان

ڪراچي/ٽنڊو الهيار (پ ر) ٽنڊو الهيار جي جِيم خانا ۾ سنڌ جي سينيئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ هڪ کليل ڪچهري منعقد ڪئي وئي. کليل ڪچهري ۾ ايم اين اي ذوالفقار ستار بچاڻي، ايم پي اي ضياءَ عباس شاهه، ايم پي اي امداد علي پتافي، پاڪستان پيپلز پارٽي جي ضلعي صدر ظهير عباس پتافي، پارٽي ڪارڪنن ۽ مختلف سرڪاري کاتن جي آفيسرن شرڪتڪئي. شهرين آءِ بي اي جي امتحاني مرڪز جي تبديلي، صاف پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي، بجلي جا مسئلا، پوليس ۾ ڀرتيون، تعليم ۽ صحت جي صورتحال، زرعي زمينن جي رجسٽريشن ۽ ٽرانسپورٽ بابت پنهنجا مسئلا پيش ڪيا.سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ سمورن لاڳاپيل آفيسرن کي انهن مسئلن جي فوري حل لاءِ هدايتون جاري ڪيون. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته هو سڄي دنيا ۾ رهندڙ پاڪستانين کي دل جي گهراين سان سنڌي ثقافتي ڏهاڙي جي مبارڪباد پيش ڪن ٿا. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو هميشه چوندو ٽنڊو الهيار کان حيدرآباد تائين پيپلز بس سروس جو افتتاح ايندڙ هڪ مهيني اندر ڪيو ويندو ۽ شهرين جي ذميواري آهي ته هو ان بس سروس کي پنهنجي سهولت سمجهي استعمال ڪن..هن چيو ته منشيات جي خلاف ايس ايس پي ٽنڊو الهيار جي ڪارڪردگي ساراھ جوڳي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.