اڳواڻن پاران ڇڏڻ باوجود پي ٽي آءِ عوام ۾ مقبول

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)پاڪستان جي مقبول سياسي پارٽي پاڪستان تحريڪ انصاف کي ڇڏي ويندڙ اهم شخصيتن جو انگ 2 سئو کان وڌيڪ ٿي ويو آهي، جن ۾ اڳوڻا وزير، قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جا ميمبر، پارٽي ٽڪيٽ هولڊر ۽ پارٽي عهديدار شامل آهن.ڪجهه ويندڙ جي حالت اهڙي آهي  جو لڳي ٿو ته اهي پارٽي ڇڏڻ تي مجبور ڪيا ويا آهن.

پارٽي ڇڏي ٻاهرين ملڪ ويندڙ نظرياتي ڪارڪن فرخ حبيب بابت خبرون آهن ته هن عمران خان سان اڻ سڌي طرح رابطو ڪري کيس صورتحال کان آگاهه ڪيو آهي،عمران خان سان گڏ بيٺل ماڻهن ۾ حامد خان، شعيب شاهين، اعجاز چوڌري، ميان محمود الرشيد، شهزاد وسيم، زرقا تيمور، صنم جاويد، زلفي بخاري، اعظم سواتي، رئوف حسن، علي محمد خان، عامر ڊوگر ميان اسلم اقبال، زبير نيازي، سبطين خان، قاسم سوري، شاهه فرمان، علي امين گنڊاپور ۽ حليم عادل شيخ شامل آهن.

ڊوئچي ويلي سان ڳالهائيندي پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شعيب شاهين چيو ته پاڪستان ۾ پارٽيون ڇڏڻ ۽ نيون پارٽيون ٺاهڻ جي تاريخ پراڻي آهي، اڄ ٻيهر عوام کي ظلم، جبر ۽ ڏاڍ سان پي ٽي آءِ ڇڏڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي.عندليب سمجھوتو ڪيو ۽ هوءَ آزاد ٿي وئي، جڏهن ته خديجه شاهه جون ڪيتريون ئي ضمانتون ٿيون ۽ هوءَ آزاد نه ٿي، نوان ڪيس ٺاهيا وڃن ٿا.

هن چيو ته جيڪڏهن ايندڙ چونڊن ۾ پي ٽي آءِ جو رستو روڪيو ويو ته پوءِ انهن چونڊن جي ڪا به ساک نه رهندي،اها به دلچسپ ڳالهه آهي ته اڳواڻ عمران کي ڇڏي رهيا آهن پر سندس ووٽ بئنڪ اڃا به موجود آهي ۽ صورتحال ائين نظر اچي رهي آهي ته ”عمران بمقابله سموريون پارٽيون“.

تجزئي نگار خالد فاروقي ڊي ڊبليو کي ٻڌايو ته عام طور تي ماڻهو غير مقبول پارٽي ڇڏي ويندا آهن پر پي ٽي آءِ جڏهن مقبوليت جي انتها تي آهي تڏهن ماڻهو ان کي ڇڏي وڃي رهيا آهن. سندس چوڻ هو ته عمران خان جي حڪومت وڃڻ کان پوءِ به پي ٽي آءِ ٽٽي نه وئي پر ان جي مقبوليت وڌي ۽ اها مضبوط ٿي، پر 9 مئي کان پوءِ پي ٽي آءِ ٽٽڻ شروع ٿي وئي، ڇاڪاڻ ته پاڪستان جي تاريخ ۾ اهڙو سنگين واقعو اڳ ڪڏهن به نه ٿيو هو،پي ٽي آءِ جي ٻيهر بحالي جو امڪان گهٽ نظر پيو اچي.

تجزئي نگارحبيب اڪرم جو چوڻ آهي ته ڇا اها ڳالهه اهم  ناهي ته پرويز الاهي ۽ شاهه محمود قريشي جهڙيون شخصيتون (جيڪي اسٽيبلشمينٽ جي ويجهو سمجهيا ويندا هئا) به ثابت قدمي جو مظاهرو ڪري رهيا آهن. ان سوال جي جواب ۾ ٿي سگهي ٿو ته  اهڙيون شخصيتون عمران خان جي نااهلي کانپوءِ پارٽي سنڀالڻ جي ”ڊيوٽي“ تي به لڳي سگهن ٿيون.

نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز اڱارو 21 نومبر 2023 تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.