ڪراچي (عوامي آواز نيوز) چونڊن جي تاريخ طئه ٿيڻ کانپوءِ پوري ملڪ جيان ڪراچيءَ ۾ به آهستي آهستي سرگرميون شروع ٿي ويون آهن، جماعت اسلامي، پيپلز پارٽي، ايم ڪيو ايم ۽ تحريڪ لبيڪ هڪ ٻئي خلاف بيان بازي به ڪري رهيون آهن ۽ صفبنديون به ڪري رهيون آهن.
نامياري صحافي انيس منصوري جو چوڻ آهي ته ايم ڪيو ايم جي اڳوڻي ايم پي اي وسيم قريشيءَ کانپوءِ اڳ ايم ڪيو ايم ۽ پوءِ پي ايس پي ۾ شامل ٿيندڙ ڪجهه اڳواڻ هاڻي پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيڻ لاءِ تياري ڪري رهيا آهن، جڏهن ته اڳوڻو ايم پي اي عرفان مروت به پنهنجي تڪ ۾ سرگرم ٿي ويو آهي.
عرفان مروت وڊيو بيان جاري ڪري پ پ اڳواڻ سعيد غني تي سرڪاري گهر پارٽي سرگرمين لاءِ استعمال ڪرڻ جو الزام مڙهيو آهي، عرفان مروت ۽ سعيد غني ساڳي تڪ مان اميدوارآهن ان ڪري سعيد غني به جوابي وڊيو ٺاهي وائرل ڪئي آهي. جيئن جيئن چونڊ سرگرميون تيز ٿينديون ته وڌيڪ ڇرڪائيندڙ خبرون سامهون اچي سگهن ٿيون.
نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز اڱارو 21 نومبر 2023 تي شايع ٿي