لاهور (عوامي آواز نيوز) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف پارٽيءَ اندر هلندڙ اختلافن کي ختم ڪرڻ ۾ مصروف به آهي ۽ پريشان به آهي.
نامياري صحافي گوهر بٽ جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ به ن ليگ اختلافن جو شڪار آهي، جنهن لاءِ نواز شريف سنڌ جي اڳواڻن کي اختلاف ختم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي ۽ سنڌ جي دوري کان به انڪار ڪيو آهي.
ان جو ڪارڻ اهو به آهي ته نواز شريف سنڌ ۾اچي پيپلز پارٽيءَ سان سڌي ٽڪراءُ ۾ اچڻ نٿو چاهي ڇو ته سنڌ جي دوري سان کيس فائدو گهٽ ۽ سياسي نقصان وڌيڪ نظر اچي رهيو آهي.
ساڳي صورتحال ڪي پي ڪي ۾ به آهي ان ڪري نواز شريف ڪي پي ڪي جي اڳواڻن کي به اختلاف ختم ڪرڻ لاءِ چيو آهي ابتدائي طور ظفر اقبال جهڳڙا کي ته پرچايو ويو آهي ان هوندي به ٻين اهم اڳواڻن ۾ اڃا تائين اختلاف موجود آهن ان ڪري نواز شريف ڪي پي ڪي جي دوري بابت به ٻڏ تر جو شڪار آهي.
نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز اڱارو 21 نومبر 2023 تي شايع ٿي