ارڙهين آئيني ترميم ۽ مالياتي ايوارڊ ۾تبديلي ن ليگ منشور ۾ شامل

لاهور (عوامي آواز نيوز) مسلم ليگ (ن) ارڙهين آئيني ترميم ختم ڪرڻ ۽ مالياتي ايوارڊ جو فارمولو تبديل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽  اهم معاملن کي منشور جو حصو  بڻايو آهي، ان سلسلي ۾ نامياري صحافي امداد سومري جو چوڻ آهي ته 2018ع ۾ به عمران خان کي ان مقصد سان اقتدار ۾آندو ويو هو ته جيئن ان ذريعي ارڙهين آئيني ترميم کي ختم ڪري مالياتي فارمولو تبديل ڪري صوبن جو حصو گهٽايو وڃي، ان بابت پي ٽي آءِ جي ڪجهه وزيرن ذريعي ارڙهين ترميم ۽ مالياتي ايوارڊ خلاف رينگٽ شروع ڪرايو ويو عمران خان به ان بابت بيان ڏنا پر شديد مزاحمت سبب معاملو اڳتي وڌي نه سگهيو ارڙهين ترمميم آڻيندڙ سينيٽر رضا رباني به خدشا ظاهر ڪندو رهيو ته سول ۽ ملٽري بيورو ڪريسي ارڙهين ترميم رول بيڪ ڪرڻ چاهين ٿيون. سينيئر صحافي نصرت جاويد به ان حوالي سان خدشا ظاهر ڪندو رهيو آهي ته ارڙهين ترميم ختم ڪرڻ جون ڪوششون ٿي رهيون آهن، جڏهن ته اڳوڻو صدر آصف علي زرداري ۽ نواز شريف ارڙهين آئيني ترميم آڻڻ  جو تاج پنهنجي مٿي تي سجائي ڪاميابيءَ  تي فخر ڪندا رهيا ته هنن صدر جا اسيمبلي ٽوڙڻ وارا آئيني اختيار ختم ڪري صوبن کي خودمختياري ڏئي وفاق کي وڌيڪ مضبوط ڪيو آهي، پر  اڳوڻي اسٽيبلشمينٽ کي ارڙهين آئيني ترميم هضم نه ٿي هئي، پر جيڪي تازا اطلاع اچي رهيا آهن اهي به خدشا پيدا ڪري رهيا آهن ته اڃا تائين اسٽيبلشمينٽ شآيد مالياتي ايوارڊ جو فارمولو ۽ ارڙهين آئيني ترميم ختم ڪرائڻ چاهي ٿي. انگريزي اخبار ڊان ۾ به ان حوالي سان رپورٽ شايع ٿي آهي ته ارڙهين آئيني ترميم ۽ مالياتي ايوارڊ جو فارمولو تبديل ڪرڻ جا نڪتا مسلم ليگ (ن)  پنهنجي منشور ۾ شامل ڪيا آهن، رپورٽ شايع  ٿيڻ باوجود ن ليگ جو ڪو به رد عمل نه آيو آهي نه ئي ترديد سامهون آئي آهي. جيڪڏهن نواز شريف پنهنجي ڪاميابي تان هٿ کڻڻ لاءِ اسٽيبلشمينٽ سان ڊيل ڪئي آهي ته اهو عمل نواز شريف لاءِ ڪي ٽو جبل عبور ڪرڻ برابر هوندو. ڇو ته عمران خان جي دور ۾ به اهڙين ڪوششن  جي ڪنهن پارٽيءَ  حمايت نه ڪئي هئي ۽ نه هاڻي ڪا سياسي پارٽي  ان جي حمايت ڪندي. جيڪڏهن 2018ع وارو عمل ورجايو ويو ۽ انهن اهم معاملن جي خاتمي لاءِ ڪنهن پارٽيءَ  کي ٻه ڀاڱي ٽي  اڪثريت سان ڪامياب ڪرايو ويو ته ان جا نتيجا ڪنهن به طرح بهتر نه هوندا. ڏسڻو آهي ته ان حوالي سان (ن) ليگ جو ڪهڙو موقف سامهون اچي ٿو.

اسلام آباد(م ڊ) مسلم ليگ ن جي ترجمان مريم اورنگزيب پارٽي اجلاس ۾ 18هين ترميم جي تجويز بابت خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي. مسلم ليگ ن جي سينيٽر عرفان صديقي ۽ مسلم ليگ ن جي ترجمان مريم اورنگزيب 18هين ترميم جي تجويز بابت خبرن کي رد ڪندي چيو آهي ته ن ليگ جي پارٽي اجلاس ۾ 18هين ترميم ۾ تبديلي جي ڪنهن تجويز تي غور نه ڪيو ويو، ان تي غور ڪيو ويو.مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻن 18هين ترميم جي حوالي سان اخبار ۾ شايع ٿيل خبرن کي غلط قرار ڏئي ڇڏيو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ن ليگ 18هين ترميم ۾ تبديلين تي غور ڪري رهي آهي ۽ ان حوالي سان پارٽي جي منشور ڪميٽي کي وفاق ۽ صوبن وچ ۾ مالي وسيلن جي ورڇ واري ميڪنزم کي سڌارڻ جي تجويز  سميت ڪيتريون ئي تجويزون پڻ مليون آهن،  هوڏانهن عرفان صديقي چيو ته فضل الرحمان چونڊون ملتوي ڪرڻ بابت ڪو به بيان ناهي ڏنو، ن ليگ اندر يا ڪميٽي ۾ 18هين ترميم تي ڳالهيون ناهن ٿيون، ڪنهن آئيني ترميم تي ڪنهن به قسم جي ڳالهه ناهي ڪئي، هن چيو ته اين ايف سي ايوارڊ سميت 18هين ترميم تي ڪي به ڳالهيون يا سفارش ناهي ٿي،هن وقت ارڙهين ترميم تي ن ليگ پاران ڪو به فيصلو ناهي ٿيو،جڏهن پارليامينٽ مڪمل ٿيندي، آئين ۽ قانون تحت ضرورت پئي ته ڪنهن ترميم جو فيصلو ڪيو ويندو، هن چيو ته آصف علي زرداري زميني حقيقن کي سمجهي ٿو، آصف زرداري چونڊن بابت ڄاڻي ٿو ان ڪري شفاف اليڪشن جي ڳالهه ڪئي، هن کي خبر آهي ته هاڻي ڌانڌلي ممڪن ناهي رهي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.