ڪراچي(رپورٽ:جي ايم کوکر)پيپلزپارٽي جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي صوبائي وزير امتياز احمد شيخ قانون واري نگران صوبائي وزير عمر سومرو کي سنڌ ڪابينا مان فوري هٽائڻ جو مطالبو ڪندي چيو آھي ته جيڪڏهن عمر سمرو کي نه هٽايو ويو ته سنڌ جي نگران ڪابينا جي غير جانبداري تي شڪ پيدا ٿيندا۔ تفصيل موجب پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ سنڌ جي اڳوڻي توانائي واري وزير امتياز احمد شيخ چيف اليڪشن ڪمشنر۔ نگران وڏي وزير کي لکيل خط ۾ مطالبو ڪيو آهي ته سنڌ جي قانون واري نگران صوبائي وزير عمر سومرو کي نگران ڪابينا مان فوري هٽايو وڃي نه هٽائڻ جي صورت ۾ کيس نگران ڪابينا جي غير جانبداري بابت شڪ پيدا ٿيندا. خط ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته شڪارپور ۽ جيڪب آباد ضلعن ۾ نگران صوبائي وزير عمر سومرو پنهنجي سياسي مخالف پاڪستان پيپلز پارٽي خلاف سياسي ارادا رکي ٿو.ِ سرڪاري توڙي غير سرڪاري دوري دوران انتظاميه ۽ پوليس کي هدايتون ڏيندو رهيوآهي ۽ هو شڪارپور ضلعي ۾ آفيسرن جي مقررين ۽ بدلين ۾ به ملوث رهيو آهي. جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته هو ايندڙ عام چونڊن ۾ پنهنجي والد يا پنهنجن ويجهن عزيزن جي حمايت حاصل ڪرڻ چاهي ٿو۔ امتياز احمد شيخ چيو آهي ته منهنجي ڄاڻ موجب هو عمر سومرو اڃا تائين پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪارڪن جي حيثيت سان پاڪستان پيپلز پارٽي خلاف ڪم ڪري رهيو آهي.جنهن جي سرگرمين کي ڏسندي اهو واضح ٿئي ٿو ته سندس والد يا ڪو ويجهو مائٽ ايندڙ عام چونڊن ۾ اميدوار طور حصو وٺندو.هن خط ۾ وڌيڪ ڄاڻايو آھي ته عمر سومرو جو والد افتخار سومرو پاڪستان تحريڪ انصاف سنڌ جو جنرل سيڪريٽري ۽ صدر پڻ رهيو آهي ۽ گذريل اليڪشن ۾ پي ايس 11 شڪارپور تان اليڪشن ۾ حصو ورتو۽ صرف 2756 ووٽ مليا.
امتياز شيخ جي الزامن ۾ ڪا به صداقت ناهي: عمر سومرو
اڳوڻي صوبائي وزير امتياز شيخ پاران قانون واري نگران صوبائي وزير عمر سومرو کي هٽائڻ بابت اليڪشن ڪميشن ۽ نگران وڏي وزير کي لکيل خط کي صوبائي وزيرعمر سومرو حيرت جوڳو ۽ الزام بي بنياد قرار ڏيندي چيو آھي ته امتياز شيخ جي الزامن ۾ ڪا به صداقت ناهي منهنجو صرف 6 مهينا پي ٽي آءِ سان تعلق رهيو، پي ٽي آءِ کي وڪيلن جي ضرورت هئي ۽ مون سان هنن رابطو ڪيو هو، منهنجو ماضي سامهون آهي، ڪردار جي به سڀني کي خبر آهي، عوامي آواز سان ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته مون گذريل چونڊن ۾ آزاد اميدوار طور صوبائي چونڊ وڙهي ۽ هارائي ويو هئس،امتياز شيخ جي خط جو جواب اليڪشن ڪميشن کان پڇڻ تي ضرور ڏيندس ۽ سمورو ڪارو اڇو ظاهر ٿي ويندو۔۔