عمر گل ۽ سعيد اجمل پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جا بالنگ ڪوچ مقرر

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي فاسٽ عمر گل ۽ آف اسپنر سعيد اجمل کي پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو ترتيبوار فاسٽ بالنگ ۽ اسپن بالنگ ڪوچ مقرر ڪيو ويو آهي.

ٻنهي جي پهرين اسائنمينٽ آسٽريليا ۾ شيڊيول ٽيسٽ سيريز ۾ نيوزيلينڊ ۾ ٽي ٽوئنٽي سيريز هوندي.

عمر گل ان کان اڳ افغانستان خلاف ٽن ميچن جي ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ بالنڪ ڪوچ جو ذميواريون ادا ڪري چڪو آهي، ان کانسواءِ گذريل سال ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ دوران افغانستان ڪرڪيٽ ٽيم جو بالنگ ڪوچ ۽ پي ايس ايل ۾ ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز جو بالنگ ڪوچ پڻ رهي چڪو آهي.

اڳوڻي عالمي نمبر ون بالر سعيد اجمل به آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ جي دورن ۾ نئين ذميواري ادا ڪندي نظر ايندو.

عمر گل ۽ سعيد اجمل پنهنجي مقرري تي پي سي بي مئنيجمينٽ ڪميٽي جي چيئرمين ذڪاءَ اشرف جا ٿورا مڃيندي چيو هو سندس اعتماد تي پورو لهڻ جي ڪوشش ڪندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.