راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) خيبرپختونخوا ۾ فورسز جي آپريشن دوران 3 دھشتگرد مارجي ويا، جڏھن تھ بم ڦاٽڻ سبب ھڪ جوان شھيد ٿي ويو.
پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب، سيڪيورٽي فورسز ڏکڻ وزيرستان ۽ ڊيرا اسماعيل خان جي علائقي ڪلاچي ڳجھي ڄاڻ جي بنياد تي آپريشن ڪيو ويو.
آپريشن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 2 دھشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته ڏکڻ وزيرستان جي علائقي ڪوٽ اعظم ۾ ڪيل ڪارروائي ۾ ھڪ دھشتگرد مارجي ويو.
آءِ ايس پي آر موجب، مارجي ويل دھشتگرد معصوم شھرين جي قتل ۾ ملوث ھئا، دهشتگردن وٽان ھٿيار ۽ بارودي مواد ھٿ ڪيو ويو آھي.
ترجمان موجب اتر وزيرستان ضلعي جي غور يوم واري علائقي ۾ ديسي بم ڦاٽڻ سبب ھڪ جوان شھيد ٿي ويو، 26 ورھين جي سپاھي شاھزيب جو تعلق راولپنڊي سان ھو.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته علائقي ۾ ٻين دهشتگردن جي خاتمي لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي، سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي خاتملي لاءِ پرعزم آهي، اسان جي بهادر جوانن جون قربانيون اسان جي عزم کي وڌيڪ مضبوط بڻائن ٿيون.
Next Post
You might also like