ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ملڪ ۾ اڄ سون جي اگهه ۾ معمولي واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، ملڪ ۾ في تولو سون پنج سئو رُپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ ٻه لک پندرنهن هزار ڇهه سئو رُپين جو ٿي ويو آهي.
ان کانسواءِ ڏهه گرام سون جي قيمت چار سئو اٺاويهه رُپيا واڌ کانپوءِ هڪ لک چوراسي هزار اٺ سئو ٻائتاليهه رُپيا ٿي وئي آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون ٻارنهن ڊالرز چاڙهه کانپوءِ 1991 ڊالرز جو ٿي ويو آهي.
You might also like