¨ سنڌ ۾ جن وڏن مسئلن تي ساڃاهه وندن ۽ دانشور طبقي کي هميشه کان ڳڻتي رهي آهي ۽ جن جي خاتمي جي خواهش رهي آهي تن ۾ تعليم جي تباهي به هڪ آهي.اها به لڪيل ڳالهه ناهي رهي ته تعليم جي تباهي جون ذميوار حڪومتون رهيون آهن. تنهنڪري سڀ کان بدترين صورتحال سرڪاري اسڪولن جي رهي آهي.
¨ سنڌ جي تعليم ڪيئن بهتر ڪجي، ٻاهرين ملڪن اندر تعليمي سرشتو ڪيئن ٿو هلي، اوهڙو نظام هتي ڪيئن لاڳو ڪري سگهجي ٿو وغيره جهڙن سوالن بابت وڏي عرصي کان هتي ڳالهايو ۽ لکيو ويو آهي سيمينار ۽ ڪانفرنس ڪوٺايون ويون آهن
¨ ان پسمنظر ۾ اسان جي ساڃاهه وندن، سماجي ۽ تعليمي تنظيمن تعليم جي شعبي ۾ وڏو ڪارنامو انجام ڏيندڙن،ان شعبي ۾ پي ايڇ ڊي ڪندڙ شخصيتن جي تجربن ۽ مشاهدن مان لاڀ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪئي آهي.
¨ انور پيرزادو اڪيڊميءَ طرفان زيد پيرزادي جنهن جون پنهنجيون تعليمي خدمتون ۽ سرگرميون به نمايان رهيون آهن تنهن ان مقصد تحت ئي آسٽريليا مان تعليم جي شعبي ۾ پي ايڇ ڊي جي ڊگري ماڻي واپس آيل پرويز پيرزادي جي مان ۾ انور پيرزادو هوم تي هڪ تقريب ڪوٺائي ۽ ان موقعي تي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي گهرائي کين پرويز پيرزادي جي پي ايڇ ڊي ٿيسز بابت معلومات مان فيضاب ٿيڻ جو موقعو مهيا ڪيو.
¨ پرويز پيرزادي جي سڃاڻپ جا وڏا حوالا اين جي اوز ۽ تعليمي ماهر طور ڏنل خدمتون آهن.انور پيرزادو هوم تي ساڻس ٿيل ان گڏجاڻي ۾ پرويز پيرزادي خاص ڪري يورپ ۽ اسان جي ملڪ جي تعليمي نظام جو نه رڳو تقابلي جائزو پيش ڪيو پر پنهنجي پي ايڇ ڊي جا تفصيل پڻ ٻڌايا.
¨ آسٽريليا مان ڪيل سندس پي ايڇ ڊي جو موضوع ”پاڪستان جي اسڪولن ۾ انساني حقن جي تعليم“ هو ۽ کيس اها تحقيق ڪرڻي هئي ته سنڌ جي اسڪولن ۾ انساني حقن جي تعليم ڏني وڃي ٿي يا نه.
¨ اهو موضوع، اسان لاءِ نه رڳو نئون آهي پر اکيون کولي ڇڏڻ جهڙو آهي پر انهن ملڪن لاءِ بلڪل به نئون ناهي جن وٽ تعليم جو اصل مقصد ئي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي سٺو انسان بڻائڻ رهيو آهي. اسان جي سماج کي ته ڇڏيو پر اسڪولن اندر ئي جيڪي ٻارن جي حقن جون ڀڃڪڙيون ٿين ٿيون تن اسان جي شاگردن ۽ شاگردياڻين لاءِ درسگاهن کي عذاب، مصيبت ۽ ٽارچر سيل بڻائي ڇڏيو آهي.
¨ پرويز ان تقريب ۾ ٻڌايو ته ٻاهرين ملڪن ۾ تعليم جو مقصد رڳو ڪيريئر ٺاهڻ ۽ روزگار ماڻڻ جو ڪو وسيلو ناهي بڻايو ويو. پر شاگردن ۽ شاگردياڻين کي سٺو انسان پڻ بڻائڻ آهي. هن چيو ته پاڪستان جو تعليمي قانون پڙهو ته ان ۾ به سٺو انسان بڻائڻ وارو اصل مقصد ڄاڻايو ويو آهي.
¨ پر پرويز جو خيال آهي ته اسان جو تعليمي نظام عملي طور ان بنيادي مقصد کان ئي وانجهيل آهي. اسان جي اڪثريتي استادن، تعليم جو بنيادي قانون پڙهيو ئي ناهي.
¨ ٻيو ته ڇڏيو اسان جو تعليمي نصاب ئي تعصبي ۽ نفرتي مواد سان ڀريل ملندو.سو جڏهن تعليمي نصاب ئي تعصب، نفرت ۽ ڪوڙي تاريخ سان ڀريل هوندو ته اهو شاگردن ۽ شاگردياڻين کي سٺو انسان بڻائڻ ۾ ڪيئن مدد ڪري سگهندو!
¨ پرويز پيرزادي ٻڌايو ته يورپ جي پرائمري تعليمي نظام ۾ ئي ٻارن کي سٺو انسان بڻائڻ جو ماحول مهيا ڪيو ويندو آهي. انهن کي نصاب مان هوم ورڪ ناهي ڏنو ويندو پر ڪو سٺو ڪم ڪرڻ جو کين هوم ورڪ ڏنو ويندو آهي ۽ ٻئي ڏينهن تي کانئن پڇيو ويندو آهي ته ڪالهه اوهان ڪهڙو سٺو ڪم ڪيو، اهو سڀني کي ٻڌايو.
¨ اسان وٽ اسڪولي ڪلاسن ۾ قبرستان جهڙي خاموشي اختيار ڪرڻ تي گهڻو زور ڏنو ويندو آهي پر اتان جي پرائمري اسڪولن ۾ ان ڪلاس کي ڪامياب سمجهيو ويندو آهي جنهن ۾ شاگرد ۽ شاگردياڻيون گهڻو ڳالهائيندا سوال پڇندا آهن.
¨ هتان جي ۽ يورپ جي شاگردن ۽ شاگردياڻين جي ذهني سطح واري فرق جي حوالي سان پرويز پيرزادي جو چوڻ هو ته اتان جي ٻارن جو اعتماد، تجربو ۽ مشاهدو هتان جي ٻارن جي ڀيٽ ۾ زمين ۽ آسمان جيڏو فرق رکندو آهي. اتان جي ٻارن کي ننڍي عمر ۾ ئي سماج سان ڳنڍيو ويندو آهي ۽ سماجي ذميواريون ادا ڪرڻ لاءِ عملي طور تيار ڪيو ويندو آهي.
¨ پرويز پيرزادي ٻڌايو ته اسان جي تعليمي نظام ۾ انساني حقن جي تعليم جو عملي طور ڪو ماحول ئي ناهي نه ئي هتان جا استادن ۾ ان موضوع ۾ ڪا سنجيدگي ڏٺي وئي آهي.
¨ سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته پرويز پيرزادي وٽ ان بيحد اهم پي ايڇ ڊي جا تمام گهڻا تفصيل، نتيجا ۽ تجويزون آهن ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ جو تعليم کاتو پرويز پيرزادي جي ان پي ايڇ ڊي جو فائدو وٺندي ان جي ڏنل تجويزن جن کي آسٽريليا جي يونيورسٽيءَ قبوليت ۽ مڃتا ڏني آهي تن کي هتي لاڳو ڪري ۽ پرويز پيرزادي کان ليڪچرر ڪرائي ان جي تعليمي مهارت، تجربي ۽ مشاهدي مان فائدو وٺڻ جو اهتمام ڪري، پرويز سان اهڙا پروگرام سنڌ سطح تي ٿيڻ گهرجن جيئن انهن جو فائدو سنڌ جي تعليمي نظام ۽ شاگرد، شاگردياڻين کي ٿئي.