رت جي دٻاءَ يا بلڊ پريشر سان اها خبر پوندي آهي ته رڳن مان ڪيتري مقدار ۾ رت گذري رهيو آهي.
انسان هاءِ بلڊ پريشر کي ان وقت منهن ڏيندو آهي، جڏهن رڳن مان گذرندڙ رت جو دٻاءُ مسلسل وڌيڪ هجي.
هاءِ بلڊ پريشر کي خاموش قاتل مرض به چيو ويندو آهي، ڇو ته مريض کي اڪثر مرض بابت علم ئي ناهي هوندو، جڏهن ته هاءِ بلڊ پريشر سان دل جي مرضن، دل جي دوري ۽ اڌ رنگ جو خطرو وڌي ويندو آهي.
پر سٺي ڳالهه اها آهي ته ورزش جي عادت سان ان کي قابو ۾ رکڻ ممڪن آهي.
هاڻ سوال اهو آهي ته ان مقصد لاءِ ڪيتري ورزش ڪرڻ گهرجي؟ ان جو جواب آمريڪا جي مقبول طبي اداري مايو ڪلينڪ طرفان جاري سفارشن ۾ ڏنو ويو آهي.
سفارشن موجب هر هفتي گهٽ ۾ گهٽ 150 منٽ هلڪي ورزش يا 75 منٽ سخت ورزش کي عادت بڻائڻ گهرجي، جيڪڏهن توهان ورزش ڪرڻ جا عادي ناهيو ته ٻيون جسماني سرگرميون ڪيو، جنهن ۾ رقص ڪرڻ، سائيڪل هلائڻ، ڏاڪڻ چڙهڻ، جاگنگ، سوئمنگ، پنڌ ڪرڻ وغيرا وغيرا.
ماهرن جو چوڻ آهي ته ورزش کي معمول بڻائي بلڊ پريشر سميت ڪيترن ئي بيمارين کان بچي سگهجي ٿو.
Next Post
You might also like