اتر ڪوريا ۾ فوجي پريڊ، آمريڪا جي ڪنهن به حصي کي نشانو بڻائيندڙ ميزائل جي نمائش

پيونگ يانگ (ويب ڊيسڪ) اتر ڪوريا پنهنجي سڀ کان طاقتور بين البراعظميٰ بيلسٽڪ ميزائل جي نمائش ڪري ڇڏي.
پرڏيهي ميڊيا موجب اها نمائش هڪ فوجي پريڊ دوران ڪئي وئي، جنهن ۾ روس ۽ چين جون اعليٰ اختياريون به شريڪ هيون.
پريڊ جي اها تقريب حڪومتي جماعت ورڪرز پارٽي جي قيام کي 80 سال مڪمل ٿيڻ تي رٿي وئي، اها اڳڀرائي اهڙي وقت ۾ سامهون آئي آهي، جڏهن اتر ڪوريا جو ليڊر ڪم جونگ ان يوڪرين جي جنگ ۾ روس سان گڏ بيٺو آهي.
ان پريڊ ۾ ملڪ جا ڪجهه جديد ترين هٿيار ڏيکاريا ويا، جن ۾ طاقتور ترين Hwasong-20 بين البراعظمي بيلسٽڪ ميزائل به شامل هو، جيڪو آمريڪا جي ڪنهن به حصي کي نشانو بڻائڻ جي صلاحيت رکي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.