اميتاڀ بچن: ڊگهي قد ۽ بي سُري آواز جي مهڻن، اينگري ينگ مين کان ايڪٽر آف ملينيم تائين

هيءُ اڻويهه سئو چاليهه واري ڏهاڪي جو واقعو آهي، جڏهن پنهنجي دور جي مشهور آمريڪي راڳي ۽ اداڪار فرينڪ سيناترا جي مشهوري لاءِ سندس پريس ايجنٽ جارج ايونز هڪ غير معمولي رٿ رٿي.
سيناترا جي ايجنٽ نوجوان نارين جي هڪ گروپ جون خدمتون ڪيون، جن کي چيو ويو ته جنهن مهل فرينڪ سيناترا ڳائڻ شروع ڪري ته هڙئي ”فرينڪي فرينڪي“ جا نعرا لڳائن ۽ وقفي وقفي سان بيهوشيءَ جو ناٽڪ ڪن.
شو واري ڏينهن ايونز ٿييٽر مان بهيوشيءَ جو ڊرامو ڪندڙ نارين کي اسپتال پُڄائڻ لاءِِ ايمبولينس جو بلِو پڻ ڪيو هو، فوٽوگرافرن به ان لحمي کي ڪئميرا جي اکين ۾ قيد ڪرڻ لاءِ آتا هئا ته اخبارن وسيلي اِها خبر ڦهلائي سگهجي، ڇوڪرين کي پنج پنج ڊالر ڏنا ويا هئا ۽ ايونز پنهنجي نگراني ۾ کين ٽن ڏينهن تائين سکيا پڻ ڏني.
نيويارڪ جي پيرامائو نٽ ٿييٽر ۾ فرينڪ سيناترا جي شو جي پڄاڻي کان اڳ ايونز اهو لقاءُ ڏسي دنگ رهجي ويو ته هن ته رڳو 12 ڇوڪرين پئسا ڏنا هئا، جڏهن ته اتي ته حقيقت ۾ 30 سُندريون هوش وڃائي ويٺيون هيون…!
جڏهن اِها ڪهاڻي بالي ووڊ ليجنڊري اداڪار اميتاڀ بچن کي ٻڌائي وئي ته هو پهريان مُرڪيو ۽ پوءِ چيائين ”ڪنهن کي به هٿ کان پڪڙي هيرو ته بڻائي سگهجي ٿو، پر جڏهن ڪئميرا هلڻ لڳندي آهي ني ته هو پردي تي اڪيلو رهجي ويندو آهي، اداڪاري ته کيس پاڻ کي ئي ڪرڻي پوندي.“
اصل ۾ اميتاڀ اهو سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته مشهوري ۽ شهرت جو لُڙ ڪنهن کي هڪ خاص مقام تائين ته پڄائي سگهي ٿو پر اڳتي وڌڻ لاءِ اصل ٽيلنٽ جو هئڻ لازمي آهي.
يارنهن آڪٽوبر الهه آباد ۾ شاعر، ليکڪ هري ونش راءِ بچن جي گهر ۾ جنم ورتو، سندس والدين جي دوست پنڊت امرناٿ جها مُلڪ جي حالتن کي نظر ۾ رکندي مسٽر بچن کي صلاح ڏني ته ننڍڙي جو نالو” انقلاب“ رکيو وڃي.“
ساڳئي ئي ڏينهن مشهور شاعر سمترانندن پنت کيس ڏسي چيو هري ونش کي چيو ته ” بچن ڏس هو ڪيترو پرسڪون آهي، ائين جيئن تپسيا ۾ گم اميتاڀ.“
اميتاڀ جي ماءُ تيجي بچن جي دماغ ۾ بار بار لفظ ” اميتاڀ، اميتاڀ“ گونجڻ لڳو هُن چيو ته ” واهه، ڪيڏو نه پيارو نالو آهي.“
هري ونش ۽ تيجي ٻنهي فيصلو ڪيو ته هو پنهنجي پٽ جو نالو اميتاڀ رکندا.
هڙئي گهر ڀاتي کيس اميت ڪوٺيندا هئا، پر تيجي کيس ” مُنا“ چوندي هئي.
نيني تال جي شيروڊ اسڪول ۾ پرائمري تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ اميتاڀ بچن دهلي جي ڪاليج ۾ داخلا ورتي، جتي کيس ڊرامن ۾ ڪم ڪرڻ جا کوڙ سارا موقعا مليا.
ڪاليج جي ڊراما سوسائٽي جي سربراهه فرينڪ ٺاڪرداس کي اميتاڀ جي آواز ڏاڍو متاثر ڪيو.
جڏهن ٿييٽر جي مشهور شخصيت پرتاپ شرما جي ڀاءُ کي هڪ ڊرامي ۾ مُک ڪردار لاءِ چونڊيو ويو، پر اهم موقعي تي هن ذاتي سببن جي ڪري ڊرامي ۾ ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪيو ته ٺاڪرداس پريشان ٿي ويو ۽ اميتاڀ کيس پاڻ اهو ڪردار ادا ڪرڻ جي آڇ ڪئي ۽ ٺاڪرداس ان تي راضي ٿي ويو… ان موقعي جو ڀرپور لاڀ وٺندي اميتاڀ شاندار اداڪاري ذريعي دليون کٽي ورتيون
ان کانپوءِ اميتاڀ مرانڊا هائوس ۾ ٿيڻ واري ڊرامي ”ريپ آف دي بيلٽ“ ۾ به اداڪاري ڪئي.
بي اي پاس ڪرڻ کانپوءِ، اميتاڀ ڪلڪتي ۾ نوڪري ملي ويئي.
ٻن سال کانپوءِ جڏهن هن بليڪر اينڊ ڪمپني ۾ ڪم شروع ڪيو ته نه رڳو سندس پگهار وڌي پر آفيس اچڻ وڃڻ لاءِ کيس ڪار به ڏني وئي.
اميتاڀ جي فلمن ۾ اچڻ جو اهم ڪارڻ تيجي بچن ۽ سنيل دت ۽ نرگس دت جي دوستي هئي.
تيجي بچن 1968ع ۾ دهلي ۾ مشهور فلم ڊائريڪٽر ساون ڪمار سان ملاقات دوران ٻڌايو هو ته سندس پٽ فلمن ۾ ڪم ڪرڻ ۾ دلچسپي رکي ٿو.
انهن ڏينهن ۾ ساون ڪمار مرزا غالب تي فلم ٺاهي رهيو هو، هن اميتاڀ کي مرزا غالب جو ڪردار ڏيڻ جو به فيصلو ڪيو، پر جيڪي ماڻهو اميتاڀ کي سڃاڻيندا هئا، دليل ڏني ته هو غالب جي ڪردار ۾ فٽ نه ٿيندو، ڇو ته هو ڊگهو آهي، جڏهن ته غالب قد جو ننڍو هو…
سنيل دت جي سفارش تي مشهور هدايتڪار بي آر چوپڙا اميتاڀ جو اسڪرين ٽيسٽ وٺڻ تي راضي ٿيو…
اميتاڀ مشهور فلمساز تاراچند برجاتيه سان به مليو هو پر اتان به کيس سٺي موٽ نه ملي.
برجاتيه هن کي چيو ته ”تون گهڻو ڊگهو آهين، تنهنڪري تون پيءُ جيان سٺو شاعر ٿي سگهين ٿو ..!“
اميتاڀ بچن پهرين فلم 15 فيبروري 1969ع تي ” سات هندوستاني سائن ڪئي، کيس ان فلم تي پهريون نيشنل ايوارڊ مليو هو.پر بدقسمتيءَ سان ان کانپوءِ سندس لاڳيتو ڏهه فلمومن باڪس آفيس تي ناڪام ثابت ٿيون.
1971ع ۾ سندس فلم ” پروانا“ آئي جنهن ۾ نوين نشچل هيرو ۽ اميتاڀ ناڪاري ڪردار ادا ڪيو هو.
ان دوران سنيل ست کيس پنهنجي فلم ” ريشما اور شيرا“ ۾ ڪم ڏنو، مزي جي ڳالهه اِها هئي ته فلم ۾ کيس گونگي شخص جو ڪردار ادا ڪرڻو هو.
اِهو ڪرادر سندس پيءُ هري ونش کي ايترو ته وڻيو جو هن پنهنجي آتم ڪٿا ۾ لکيو ته ” اميتاڀ جي اداڪاري اصل مهارت جو امتحان اِهو ڪردار هو، ڇو ته هن کي پنهنجا سمورا جذبا ڏسندڙن تائين پهچائڻا هئا.“
انهن ئي ڏينهن ۾ اميتاڀ خواجا عباس سان گڏجي هرشڪيش مکرجي جي گهر ويو، هو تن ڏينهن ۾ فلم” آنند“ لاءِ اداڪار جي ڳولا ۾ هو.
اميتاڀ کي ڏسندي ئي کيس لڳو ته هن کي پنهنجو ” بابو موشي“ ملي ويو آهي.
مکرجي هڪ انٽرويوءَ ۾ چيو هو ته ” مان اميتاڀ کي سندس آواز ۽ سنجيده نظرن جي ڪري فلم ۾ ڪاسٽ ڪيو ۽ اِهو سچو آهي ته فلم ۾ اميتاڀ راجيش کنا کي مات ڏني.“
جيتوڻيڪ اميتاڀ جون شروعاتي فلمون ناڪام ٿيون پر سندس اداڪاريءَ سڀني جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائي ورتو.
پرديپ چندرا موجب، ” جيڪڏهن اميتاڀ وٽ صلاهيت نه هجي ها ته کيس هڪ ٻئي پٺيان 12 فلمون نه ملن ها، هو ٽِين يا چوٿين فلم جي ناڪاميءَ کانپوءِ ٽپڙ گول ڪري هليو وڃي ها…“
جڏهن پرڪاش مهرا ” زنجير “ ٺاهڻ شروع ڪئي ته ڌرميندر، راج ڪمار ۽ ديو آنند ڪو نه ڪو بهاڻو بڻائي فلم ۾ ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪيو.
پوءِ جاويد اختر ڪٿان ٽيليفون نمبر هٿ ڪري اميتاڀ سان ڳالهايو ۽ کيس فلم جي آڇ ڪئي، تن ڏينهن ۾ وٽس ڪم نه هو…اسڪرپٽ ٻڌڻ کانپوءِ هن جاويد کان پڇيو ته ڇا ”مون ۾ اِهو ڪردار ادا ڪرڻ جي صلاحيت آهي؟ جاويد کيس سمجهايو ته جيڪڏهن اِهو ڪردار ڪو ڪري سگهي ٿو ته اُهو تون ئي آهين.“
سال 1973ع ۾ رليز ٿيندڙ ” زنجير “ سپر هٽ ثابت ٿي، جنهن کي فلم فيئر جي نَون ڪيٽيگريز ۾ نامزد ڪيو ويو.. ان فلم اميتاڀ کي ناڪام اداڪار مان سُپر اسٽار بڻائي ڇڏيو، اتان کان ئي ” اينگري ينگ مين“ جو اميج ٺهڻ شروع ٿيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.