لڳ ڀڳ اڌ صدي کان پوءِ وري خيبر پختونخواهه ۾ علي امين گنڊا پور کي وڏ وزارت کان هٿ ڌوئڻا پيا۔ خيبر پختونخواه اهو صوبو آهي جنهن ۾ وڏ وزارت جي ڪرسي هميشه لوڏن ۾ هوندي آهي هي ڪو پهريون دفعو ناهي ۽ نه ئي ڪو وڏو وزير آهي جيڪو پنهنجي وڏ وزارت جو مدو پورو ٿيڻ کان اڳ گهر ڀيڙو ٿيو هجي ۽ تحريڪ انصاف به ڪا پهرين پارٽي ناهي جنهن پنهنجي ئي وڏي وزير کي ٻه سال به پورا ٿيڻ نه ڏنا۔ اهو سلسلو هلندو اچي ٿو۔ وڏ وزارت ته ٿوري ڳالهه آهي ملڪ جي جمهوري تاريخ ۾ وزيراعظم پنهنجو مدو پورو ڪرڻ کان اڳ گهر هليا ويندا رهيا آهن۔
علي امين گنڊاپور کان اڳ به خيبر پختونخواه جا ڪجهه اهڙا وڏا وزير رهيا آهن جيڪي ٻه سال به وڏ وزارت جي ڪرسي نه بچائي سگهيا۔ 1993ع ۾ ن ليگ جو سيد صابر علي شاه ڇھن مهينن کان به گهٽ عرصو خيبر پختونخواه جو واڳ ڌڻي رهو۔ 1972ع مفتي محمود جهڙو وڏو وزير به سال نه ڪڍي سگهيو۔ 1988ع ۾ پي پي پي ۾ سياسي طور وڏو قد ڪاٺ رکندڙ آفتاب شيرپاءُ لڳ ڀڳ ڏيڍ سال کان ٿورو وڌيڪ عرصو وڏ وزارت جو مزو ماڻيو ائين ئي پي پي پي جو 1973ع ۾ سردار عنائت الله گنڊاپور 22 مهينا ڪجهه ڏينهن وڏي وزير جي ڪرسي مان لطف اندوز ٿيندو رهيو۔ علي امين گنڊاپور وري به هڪ سال ست مهينا وڏو وزير رهيو۔
موسم جي تبديلي سان خيبر پختونخواهه ۾ وڏ وزارت جي تبديلي جو فرمان به جاري ٿي ويو۔ علي امين جي تبديلي پويان ڪهڙا راز آهن؟ هر وات تي پنهنجي ڳالهه آهي پر ظاهري طور تي ڏسجي ته علي امين کي پنهنجي زبان ۽ عورتن سان جهيڙو مهانگو پئجي ويو۔ عليمه خان مٿان لڳايل الزام سندس ڳچي ۾ پئجي ويا۔ عليمه خان شروع کان وٺي چوندي پئي اچي ته تحريڪ انصاف جي هاڻوڪي قيادت صرف پاڻ وڻائڻ ۾ پوري آهي باقي خان صاحب جي آزادي جو ڪنهن کي به فڪر ناهي۔ عليمه خان ۽ علي امين گنڊاپور ۾ سرد جنگ گرم موسم ۾ به هلندڙ هئي پر برف وري اچي هاڻي مڪمل طور تي ڄمي وئي نتيجو اهو نڪتو جو علي امين جي وڏ وزارت جو دور پنهنجي پڄاڻي تي پهتو۔ بظاهر ته علي امين صاحب چئي پيو ته وڏ وزارت خان صاحب پاران ڏنل امانت هئي جيڪا مون کيس احسن انداز سان واپس ڪئي آهي هاڻي جيڪڏهن ٻيهر مونکي آڇ به ڪئي وئي ته مان اها آڇ قبول نه ڪندس پر حقيقت ۾ ائين ناهي خان صاحب پاران علي امين کي وڏ وزارت واري ڏنل امانت واپس ورتي وئي آهي ۽ هاڻي اها امانت ٻيهر کيس نه ڏني ويندي۔ وقت جي ڳالهه آهي خان صاحب نج ماکي جي شوقين علي امين گنڊاپور کي جوشيلي زبان جي ڪري وڏو مقام عطا ڪيو پر جڏهن وقت ڦيرو کاڌو ته علي امين جي ماکي جي مٺاس به ڦڪي ٿي وئي۔
ڏٺو وڃي ته نومبر کان پوءِ علي امين جو ستارو گردش ۾ رهيو۔ احتجاج دوران بشري بيبي سان ٿيل اختلاف سندس ڳالههيون نه مڃڻ ۽ رات جي تاريڪي ۾ هلندڙ شيلنگ مان پاڻبچائي غائب ٿيڻ کان پوءِ تحريڪ انصاف جو نوجوان طبقو کيس بزدل سمجهڻ لڳو ۽ بشري بيبي جي ناراضگي کي منهن ڏيڻو پيو اتي سندس خلاف سوشل ميڊيا تي مهم پڻ هلي هئي۔ انهن ڳالهين کان سواءِ به ڪجهه اهڙا سوال آهن جيڪي هر سياسي شعور رکندڙ ماڻهو جي ذهن ۾ اڀرن ٿا۔ ڪجهه ڌرين جو خيال آهي ته علي امين جا طاقتور ڌرين سان ويجها لاڳاپا قائم ٿي ويا هئا ان ڪري کيس رستي کان هٽايو ويو انڪري علي امين کي هٽايو ويو۔ ڪجهه ڌرين جو خيال آهي ته خان صاحب پارٽي کي اڻ سڌي طور پنهنجي سخت گير هجڻ جو پيغام ڏنو آهي۔
هاڻي سوال اهي پيدا ٿين ٿا ته ڇا نئون 36 سالن جو جوان 31 هزار ووٽ کڻي خيبر مان مخالفن کي وڏي ليڊ سان شڪست ڏيئي ڪامياب ٿيندڙ سهيل آفريدي خان صاحب کي بند مان آزاد ڪرائي سگهندو؟ ڇا نئون وزير اعلي پنڊي پشاور يا اسلام آباد کي قابل قبول هوندو؟ ان سان گڏ اهي به سوال اٿن ٿا ته ڇا گڏيل مخالف ڌر پنهنجو نئون وزير اعلي آڻڻ ۾ ڪامياب ٿيندي؟ ڇا خان صاحب وفاقي حڪومت ۽ مولانا فضل الرحمان کي موقعو ڏنو ته اوهان پنهنجو وڏو وزير آڻيو اسان کان ڪم چڙهي ويو آهي؟
خان صاحب آزاد ٿئي يا نه پر اليڪشن ڪميشن خان صاحب جي سڀني حمايت يافته ميمبرس کي پارٽي جي قيد مان آزاد ڪري آزاد ڇڏي ڏنو آهي۔ ڏسجي ته اهي آزاد ڪٿي وڃي ٿا بيهن۔ بظاهر اهڙو ماحول نه جڙيو آهي جو ڪي پي ڪي ۾ خان صاحب جي حڪومت نه ٺهي پر جيڪڏهن آزاد اميدوارن چمڪ ڏسي پنهنجو فيصلو مٽيو ته خان صاحب جي اخلاقي ۽ سياسي فتح ٿيندي ۽ کيس هڪ نئون بيانيو ملي ويندو۔