سون يڪدم هزارين رپيا مهانگو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون اگهه ۾ اڄ وڏي واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، ملڪ ۾ في تولو سون 4300 رپيا مهانگو ٿين کانپوءِ 4 لک 41 هزار 636 رپين جو ٿي ويو آهي.
ايسوسئييشن موجب، ڏهه گرام سون 3686 رپيا واڌ سان 3 لک 78 هزار 631 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ان کانسواءِ عالمي مارڪيٽ ۾ به في اونس سون 43 ڊالر مهانگو ٿي 4 هزار 191 ڊالرن جو ٿي ويو آهي.

You might also like