سنڌ ۾ ترقي پسند قوتون، منجھائيندڙ اصطلاح ۽ عوام

تحرير: غلام علي زئور

زنده سماج جي اھا خوبي هوندي آھي ته اتي جا فرد، توڙي گروھ، تنظيمون توڙي تحريڪون، سياسي ھلچلون توڙي جدوجھدون صرف ھڪ طرف ناھن وينديون، فڪري مغالطن جو شڪار ٿي ماٺيون نه ٿيون ٿين، نه وري نون اصطلاحن ۾ ڦاسجي ويھي راڳ ٿيون آلاپين ته اسان وٽ تنظيمن ۾ تنقيدي شعور، نظرياتي فڪر، دنيا جي علم يا ذھني اوسر جي کوٽ آھي. انقلابي تنظيمون ۽ انھن جا اڳواڻ اھڙي فضول لٻاڙ ھڻي ماڻھن کي مونجھاري جو شڪار ڪرڻ بدران اھڙن منجھائيندڙ اصطلاحن کي پاسيرو ڪندي سماج اندر تخليقي انداز ۾ اھڙي پوک پوکين ٿيون جيڪا سماج جي ھر پاسي کي، علم جي ھر پھلو کي، جدوجھد جي ميدان ۾ توڙي سياسي ھلچل ۾ سنئين دڳ تي آڻين ٿيون. انقلابي تنظيمون نوجوانن، عورتن، شاگردن توڙي سماج جي ھر فرد کي سماج جي ھر پھلو کان واقف ڪرائين ٿيون، سماجي مسئلن تي سوچ ويچار جا موقعا فراھم ڪن ٿيون ۽ انھن جي ذھنن کي تراشي ھڪڙا نوان نڪور ذھن ٺاھينديون آھن جيڪي اڳتي ھلي سچائي، ايمانداري، خلوص ۽ ڌرتي جي محبت سان ھن سماج ۽ مظلوم طبقن کي تبديلي جو دڳ ڏيکارين ٿيون ۽ موجوده جاگيرداري، سرمائيداراڻي سماج کي ڊاھي پٽ ڪرڻ ۾ پنھنجي حصي جو ڪردار ادا ڪن ٿيون. استحصالي ۽ عوام دشمن سماجي نظام کي بدلائي ھڪ نئين ۽ عوام دوست سماج اڏڻ، جدوجھد ڪرڻ ۽ ھڪ نئون ۽ نظرياتي ماڻھو ٺاھڻ لاءِ  ٽي بنيادي شيون اھميت رکن ٿيون، جن کي تيار ڪري نئين سماج جا معمار جوڙي سگھجن ٿا.

پھريون آھي ٻارڙن کي تيار ڪرڻ: ٻارڙن جا ذھن ڪورا ڪاغذ هوندا  آھن، جنھن لاءِ  ضروري آھي ته انھن جي تربيت بنياد کان ئي اھڙي ڪجي، منجھن حوصلو، ھمت ۽ بردباري جھڙن جذبن کي اجاگر ڪري سندن لڪيل توڙي ظاھري صلاحيتن کي نکارجي جو، اُھي پنھنجي قوم، وطن، مظلوم عوام ۽ انھن جي حقن لاءِ  صحيح واٽ تي ھلن، پنھنجي ڌرتي سان محبت ڪن ۽ اڳتي ھلي پنھنجي قوم جي مظلوم مارو ماڻھن جي جائز حقن لاءِ  ظالم ۽ جابر سان مھاڏو اٽڪائڻ جي جرئت رکندا ھجن ۽ سماج اندر ٿيندڙ ھر بي انصافي خلاف ويڙھ ڪن.

ٻيو آھي شاگرد ۽ نوجوانن کي تيار ڪرڻ: شاگرد ۽ نوجوان ھڪ اھڙو طبقو آھن جيڪي ڪنھن به انقلابي تبديلي آڻڻ لاءِ  ھر اول دستي جو ڪردار ادا ڪندڙ ھوندا آھن جن جا دنيا جي جن به ملڪن ۾ ھيستائين انقلاب آيا آھن اتي انھن جي نوجوان ۽ شاگرد طبقي جي جدوجھد جا تاريخي مثال موجود آھن. تنھنڪري ھنن جي اھڙي تربيت ھجي جو صرف نظرين جي لٻاڙ نه ھجي، صرف سکڻو جوشيلو نعرو نه ھجي، صرف طاقت يا علمي رتبي جي ذھني عياشي نه ھجي پر پنھنجي مظلوم قوم سان، وطن جي حب خاطر، پنھنجي ڌرتي جي حقن خاطر ۽ مظلوم پورھيت ماڻھن لاءِ  ھن وٽ نه صرف صحيح دڳ ڏسڻ جي ڄاڻ ھجي، صحيح روشن خيال انقلابي، عوام دوست نظريو ھجي پر اھا جرئت به ھجي ته ھو عوام سان گڏ بيھي جدوجھد ڪري، انھن کي عوام جي اجتماعي حقن لاءِ  ڪٺو ڪري سياست جي عملي ميدان ۾ لازمي شرڪت ڪرائي. تنظيم اندر روز جي بنياد تي پڙھائي ھجي، انھن جي تربيت ٿئي، تنقيدي شعور جي ڄاڻ حاصل ڪري اھڙو بڻائجي جو ھو سڀني کي خوش ڪرڻ، رجعت پرست، سرمائيداري ۽ لبرلزم جي حامين، انقلاب، انقلابي پارٽي، انقلابي اڳواڻ ۽ سماج جي سڌاري ۾ رڪاوٽ بڻجندڙ منڊي جي چمڪيلين شين، ڪوڙي ۽ سکڻي ڳالھين تي چاپلوسي ڪرڻ جي بدران انھن کي عوام آڏو وائکو ڪري ۽ کين ٻڌائي ته اھي انساني رت چوسيندڙ ڄورون آھن جن خلاف اسان کي متحد ٿي جدوجھد ڪرڻ گھرجي. گڏوگڏ دنيا جي حالتن بابت پڻ خبر چار لھندو ھجي، انھن تي ڳالھائڻ ۽ موضوعن کي آسان ڪري پنھنجي قوم جي خدمت ۾ پيش ڪري ته جيئن سمورو عوام ملڪي توڙي عالمي انقلابي ادب مان لاڀ حاصل ڪن ۽ اسان جي انقلابي جدوجھد ۾ مددگار ثابت ٿين.

ٽيون آھي اتي جي عورت ۽ پورھيت طبقي ۾ سجاڳي: اسان وٽ ھڪ طرف شاگردياڻيون آھن ته ٻي طرف ھاري ۽ پورھيت عورتون توڙي مرد. شاگردياڻين لاءِ  اسان اھي ساڳيا اصول بيان ڪري سگھون ٿا جيڪي اسان شاگردن ۽ نوجوانن بابت پيش ڪيا آھن ته انھن جي به اھڙي تربيت ڪرڻ گھرجي ۽ ھڪ روشن خيالي وارو صحيح سياسي دڳ کين پيش ڪجي ۽ شاگردياڻين سان پيش ايندڙ مسئلن ۽ انھن جي حل لاءِ  ھڪ باضابطا محاظ سان گڏ سندن نگراني ڪندو رھڻ گھرجي. پورھيت عورتن توڙي مردن ۾ سجاڳي ۽ شعور پيدا ڪرڻ ۽ اميد پرست بڻائڻ لاءِ  کين ذھني ۽ نظرياتي طور تي تيار ڪجي، اھا گھرج به اسان وٽ ھڪ انقلابي پارٽي ئي ڪري سگھندي اين جي اوزن جا دعويدار جن جو ڪم ئي سرمائيداري جي پروپيگنڊا ڪري ماڻھن کي نون اصطلاحن ۾ منجھائڻ آھي. ھاري ۽ پورھيت عورتن کي سجاڳي جي مھم ۾ اسان جون اھي شاگردياڻيون اھو انقلابي نظرياتي رستو انھن جي ذھن ۾ پيدا ڪري سگھن ٿيون ته ٻي طرف انھن جي ئي طبقي جون انقلابي نظرياتي پورھيت عورتون توڙي سندن گھر جا مرد ھمت ۽ ساٿ ڏياري روشن خيال ڪري انھن کي نظرياتي پختگي لاءِ  تيار ڪري کين ھڪڙي عوام دوست انقلابي پارٽي جي جھنڊي ھيٺ متحد ڪري جدوجھد ۾ پنھنجي حصي جو ڪم ڪرائي سگھن ٿا.

مٿي بيان ڪيل ٽن اھم ڳالھين جو جيڪڏھن جائزو وٺجي ته سنڌ اندر اھڙي ترقي پسندي، شعوري لاٽ، فڪري سوچ، نظرياتي پڙھائي ۽ عوامي جدوجهد جو حقيقي دعويدار ڪير آھي؟ نه فقط جدوجھد جو ميدان پر ان سان گڏوگڏ ڪارڪنن جي ٿڪاوٽن ۾ تازگي بخشڻ لاءِ  کين علمي موضوعن ۾ ادبي رس ۽ چس سان نوان ذھن ڪير پيو تيار ڪري؟ اسان جي اک جو سياسي تجربو ٻڌائي ٿو ته انھن ٽنھي ڳالھين ۾ عوامي تحريڪ ئي اڳڀري رھي آھي ۽ اڄ به عوامي تحريڪ ئي آھي جيڪا روز جي بنياد تي اھڙين سرگرمين ۾ ڄميل آھي. سجاڳ ٻار تحريڪ جي نالي ھيٺ ٻارن کي تيار پئي ڪري ته ٻئي طرف سنڌي شاگرد تحريڪ ۽ گرلس اسٽوڊنٽ تحريڪ جي نالي ھيٺ شاگردياڻين، شاگردن ۽ نوجوانن کي به صحيح سياسي ۽ نظرياتي دڳ پئي ڏيکاري. عورتن، ھارين، مزدورن جي پڻ اھا ئي سياسي ۽ نظرياتي تربيت پئي ڪري جيڪا ھڪ انقلابي سماج اڏڻ لاءِ  ضروري ۽ بنيادي ھجي ٿي. تازو سنڌ جي مختلف ضلعن جھڙوڪ ٺٽو، سجاول، بدين ۽ ميرپور خاص ۾ سنڌ جي زمينن جي نيلامي، سنڌ جو وجود ۽ وسيلا کپائڻ خلاف ۽ بي زمين ھارين کي زمينون ڏيڻ ۽ ڌارين لوڌ کي سنڌ مان نيڪالي ڏيڻ لاءِ  ھزارين ڀينرن، ڀائرن ۽ شاگردن جي اڳواڻي ۾ شاندار احتجاجي ريليون ۽ مظاھرا ڪيا ويا.

اڃا تازو جدوجھد جو ميدان جاري آھي ته پنھنجن روايتن کي برقرار رکندي ڪارڪنن جي تربيت لاءِ  ھڪ ٽن ڏينھن جو ڪامياب ورڪشاپ پٻڻ شريف ۾ ٿي گذريو آهي. تعليم ۽ تربيت تي زور ڏيندي دنيا جي اھم موضوعن، تازي عالمي صورتحال، ڪائنات ۾ موجود لقائن ۽ انقلابي جدوجھد ۽ نظرين جھڙن پرمغز ۽ شاندار علمي ادبي ورڪشاپ ۾ ليڪچرس ذريعي ڪارڪنن جي ذھنن کي دنيا جھان جي علمن سان وابسته ڪري منجھن تازگي بخشڻ ۽ صلاحيتن کي وڌائڻ ۾ ڀرپور ڪوششن ۾ آھي.

سنڌ اندر انھن شين جا ڪيئي دعويدار آھن جن وٽ وڏا وڏا منجھائيندڙ، نوان ۽ منفرد اصطلاح ته موجود آھن، فڪري واٽ جون دعوائون ته موجود آھن، تنقيدي شعور جون ڳالھيون ته آھن پر صحيح نظرياتي جدوجھد ڪري پورھيت عوام سان گڏجي عملي سياست ڪرڻ جي ڳالھه ناھي. وڏيون ڳالھيون ته آھن پر اھي در اصل سرمائيداري جي حق ۾ ۽ پورھيت دشمن آھن جن کي يا ته اين جي اوز ٽائيپ دانشورن ذريعي پيش ڪرايو پيو وڃي يا ڪن ٻين وسيلن ذريعي پراجيڪٽ ھلرائي، ڪوڙا ليک لکرائي يا سيشنس ڪرائي انھن جي ايجنڊا تي وڏو زور ڏنو پيو وڃي. پر ياد رکو ته جيت وري به پورھيت ۽ مظلوم عوام جي آھي، جيت سچي واٽ تي ھلندڙ عوام دوست ڌرين جي آھي.

 

شاگرد ۽ نوجوانن کي تيار ڪرڻ: شاگرد ۽ نوجوان ھڪ اھڙو طبقو آھن جيڪي ڪنھن به انقلابي تبديلي آڻڻ لاءِ  ھر اول دستي جو ڪردار ادا ڪندڙ ھوندا آھن جن جا دنيا جي جن به ملڪن ۾ ھيستائين انقلاب آيا آھن اتي انھن جي نوجوان ۽ شاگرد طبقي جي جدوجھد جا تاريخي مثال موجود آھن. تنھنڪري ھنن جي اھڙي تربيت ھجي جو صرف نظرين جي لٻاڙ نه ھجي، صرف سکڻو جوشيلو نعرو نه ھجي، صرف طاقت يا علمي رتبي جي ذھني عياشي نه ھجي پر پنھنجي مظلوم قوم سان، وطن جي حب خاطر، پنھنجي ڌرتي جي حقن خاطر ۽ مظلوم پورھيت ماڻھن لاءِ  ھن وٽ نه صرف صحيح دڳ ڏسڻ جي ڄاڻ ھجي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.