اسرائيل ۽ حماس ويڙهه ۾ زخمي ٿيل ڪجهه فلسطيني ٻارن کي ڇنڇر ڏينھن گڏيل عرب امارات پهچايو ويو آھي. هن رياست ھڪ ھزار فلسطيني ٻارن جي مدد جو واعدو ڪيوھو. ڇنڇر 18 نومبر تي مصر کان ابوظهبي جي اڏام ۾ 15 ماڻھن تي ٻڌل ھڪ گروپ ان جھاز ۾ سوار ٿي پھتو آھي. جنهن ۾ ٻار ۽ خاندان جا ٻيا ڀاتي پڻ آهن. اھي ماڻھو جمعي واري ڏينھن مصر پهتا ھئا.جتان ھو جھاز ۾ سوار ٿيا.
جهاز ۾سوار ٿيل مائرن جي ھنج تي ننڍڙا ٻار هئا ۽ جيڪي شديد زخمي ھئا انھن کي اسٽريچر تي ليٽائي رکيو ويو ھو جنھن کي اندر پھچائڻ ۽ رکڻ جي لاءِ رستي ٺاهڻ لاءِ سيٽون هٽايون ويون ھيون. ڪيترائي زخمي فلسطيني ٻارن جي هٿن ۽ پيرن تي پٽيون ٻڌل هيون،جيڪي والدين يا ٻين مائٽن سان گڏ جھاز ۾ ويٺا هئا. جهاز جي اندر جو ماحول ڏاڍو اداس هو. اڪثر مائرون چئي رهيون هيون ته هو اداس ٿي ويون آهن
ٻارهن ورهين جي امر جندي، جون اکيون آليون هيون. هو پنهنجي ڪهاڻي ٻڌائي رهي هئي. هن ٻڌايو تھ ھوءِ، سندس پيءُ ۽ چاچو رستي تي ڳالهائي رهيا هئا ته اوچتو ميزائل ھنن مٿان ڪريو ۽ هو بيهوش ٿي ويو. جڏهن هوش آيو ته هو سخت زخمي حالت ۾ اسپتال ۾ هو. ان ۾ ”منهنجو چاچو مارجي ويو ۽ منهنجو پيءُ زخمي ٿي پيو،“.
14 سالن جو ابو تبيخ زخمي فلسطينين مان هڪ آهي. ھن ٻڌايو تھ ھو ھڪ ڪار ۾ سفر ڪري رھيو ھو جو ھڪ حملي ۾ سندس ڳچيءَ ۽ ڪرنگھي جي ھڏي کي ڌڪ لڳا.ھن ٻڌايو تھ ”جڏهن مون کي ڌڪ لڳو تھ هڪ جھٽڪو محسوس ٿيو ۽ پوءِ جسم ڪا حرڪت نھ ڪئي“ هن کي احتياط سان جهاز مان لاٿو ويو.
نبيلھ محمود پنهنجي 17 سالن جي ڌيءَ راون، سان گڏ غزا جي پٽي کان سفر ڪري ابوظهبي پھتي ھئي. هن جي ڌيءَ جي چيلھه جو هيٺيون حصو چور چور آهي. نبيلھ موجب سندس گهر تي ميزائل حملو ٿيو، جنهن ۾ سندس ڪٽنب جا 13 ڄڻا مارجي ويا.
7 آڪٽوبر تي شروع ٿيندڙ جنگ هاڻي ستين هفتي ۾ داخل ٿي چڪي آهي. ڏکڻ اسرائيل تي حملو حماس ڪيو هو، جنهن ۾ اٽڪل 1200 ماڻهو مارجي ويا هئا ۽ 240 اسرائيلين کي يرغمال پڻ بڻايو ويو ھو. ان کان پوءِ اسرائيلي ڪارروائي جاري آھي.جنھن ۾ ھن وقت فوتين جو انگ 12 ھزار ٿي ويو آھي.جنھن ۾ ٽيون حصو ٻار ۽ عورتون آهن.جڏھن تھ 2 ھزار ۽ 7 سئو فلسطيني گم آهن.
متحده عرب امارات هڪ وفاق آهي ستن اماراتي رياستن جي ھن عرب ملڪ 2020 ۾ اسرائيل کي تسليم ڪيو ھو ۽ ان سان سفارتي لاڳاپا قائم ڪيل آھن.