ملڪ ۾ چونڊن جون سرگرميون وڌي رھيون آھن،سياسي جلسن ۽ ريلين جي ڌم لڳي پئي آھي ناراضن کي پرچائڻ ۽ اڳوڻن مخالفن کي ساڻ ڪرڻ لاءِ پارٽي اڳواڻن جي ھڻ ھڻان لڳي پئي آھي.ان سموري منظر ۾ ڪٿي بھ عام ماڻھون جي ڪنھن ڏک يا تڪليف کي ايجنڊا جي حصي بنائڻ بدران ان جو ضمني ڪو ذڪر ٿئي ٿو. جڏھن تھ ھن وقت ملڪ ۾ ھن اليڪشن جي گوڙ ۾ نگران سيٽ اپ جون اختياريون، بجلي جي قيمتن وڌائڻ جي اعلان مان وندا ٿي وري ٻڌائين ٿا تھ ملڪ ۾ گئس جي قيمتن ۾ اضافو نھ ڪبو تھ معيشت ويھي رھندي.مھانگائي جو ڪانٽو تيزي سان مٿي وڃي رھيو آھي ھن وقت جي اطلاع موجب ملڪ ۾ گذريل ھفتي جي مھانگائي شرح 42 سيڪڙو ٿي وئي آھي.
اليڪشن جي مھم ۾ ھڪ ڌر ٻي کي رڳو اھي طعنا ڏئي رھي آھي تھ ھن کي ”لاڏلي“ واري منصب تي ويھاريو ويو آھي پر عام ماڻھن جي حقيقي مسئلن جو ڪٿي ڪو ذڪر آھي ۽ نھ ئي وري ڪنھن جماعت کي عوام جي انھن مصيبتن جو ڪو فڪر آھي.ماڻھون ھن وقت مھانگائي، بيروزگاري ۽بدامني جي مسئلن ۾ دٻجي ويا آھن پر انھن معاملن کي ڪو بھ سامھون آڻڻ جي لاءِ تيار نھ آھي.
پشاور ۾ تازو پ پ چيئرمين ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ھڪ جلسو ڪيو آھي جنھن ۾ ھن اھو ٻڌايو آھي تھ يوٽرن وٺڻ ليڊر جي نشاني نھ هوندي آهي.سندس چوڻ ھو تھ اسان سمجهون ٿا ته يوٽرن وٺڻ ليڊرن جي نه بزدلن جي نشاني هوندي آهي. ورڪرز ڪنونشن کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪا به اهڙي سياست جماعت موجود ناهي جنهن کي اسان پاڪستان پيپلز پارٽي جي مخالف سمجهون، پ پ جي مخالف غربت، مهانگائي ۽ بيروزگاري آهي.
هن چيوته باقي سياسي جماعتن جو اصل چهرو عوام جي سامهون اچي ويو آهي، جيڪي پاڻ کي تبديلي جو نمائندو چوندا هئا، انهن تباهي آندي. پ پ چيئرمين نون ليگ ڏانهن اشارو ڪندي چيو ووٽ کي عزت ڏيڻ ۽ عوام جي خدمت جا دعويدار به عوام آڏو وائکا ٿي ويا، اِها هاڻ مهانگائي ليگ بڻجي چڪي آهي. هن چيو ته هو پنهنجي 16 مهينن جي ڪارڪردگي تي فخر ڪري ٿو ۽ ان تي چونڊ وڙهڻ لاءِ تيار آهيان، ڄاڻ گهٽ هئي پر سڀ کان ننڍي عمر واري پرڏيهي وزير طور ڏينهن رات محنت ڪري عوام جي نمائندگي ڪئي. هن چيو ته پرڏيهي وزير طور ملڪ جا سمورا مسئلا حل نه ٿا ڪري سگهجن، ان لاءِ ضروري آهي ته هڪ جيالو وزيراعظم بڻجي ۽ هڪ جيالو وڏو وزير هجي. بلاول ڀٽو چيو ته اسان اقتدار ۾ اچي هاري ڪارڊ ۽ پورهيت ڪارڊ جاري ڪنداسين. هن چيو ته جيڪڏهن ڪير سمجهي ٿو ته هو اڄ به زور زبردستيءَ سان ڪنهن کي وزيراعظم بڻائي سگهن ٿا ته اِها سندن ڀل آهي، پيپلز پارٽي کي ڪڏهن به ليول پليئنگ فيلڊ ناهي ملي، اسان ان جا عادي ٿي چڪا آهيون. پ پ چيئرمين چيو ته اسان ستر ورهين جي سياستدانن کان مطالبو ڪيو ٿا ته هاڻي گهر ۾ ويهو يا مسجد جو پاسو وٺو، کين گهرجي ته هاڻ نوجوانن لاءِ رستو ٺاهين ته جيئن اسان نفرت واري سياست کي دفن ڪري سگهون. هن وڌيڪ چيو ته هاڻ ويڙهه جو ميدان تيار ٿيڻ وارو آهي، اليڪشن ٿيڻ واري آهي، اسان تير جي نشان تي وڙهنداسين ۽ ڪنهن آءِ جي آءِ جو حصو نه بڻجنداسين.
اھو درست آھي تھ ھن وقت پ پ پ اڳواڻ نوجوان آھي ھو پرجوش پڻ آھي.پر ھو جنھن کي اھي طعنا ڏئي رھيو آھي انھن جي اتحادي حڪومت جو حصو رھيو آھي. انڪري اھو سياسي بيان تھ ٿي سگھي ٿو پر ان حڪومت جي ڪارڪردگيءَ تي تھ ھن کان بھ سوال ٿي سگھن ٿا.
ھر اليڪشن ۾ اھڙي سياسي تقرير ماڻھن کي متوجھ ڪري سگھي ٿي پر ھن کان ٿورو اڳ جڏھن اھو چيو پئي ويو تھ ڪي پي ڪي توڙي بلوچستان ۾ بھ پاڪستان پيپلزپارٽي حڪومت جوڙيندي تھ ان وقت شايد ڪنھن نھ ڪنھن طرح اھا اميد ھئي تھ خود ملڪ جي ھي وڏي جماعت پاڪستان پيپلزپارٽي پڻ اسٽيبلشمنيٽ جي فيورايبل جماعت ھئي.عين ممڪن آھي تھ ان وچ ۾ ڪجهھ معاملن جي ڪري ھاڻي ”مٿين ڌر“ کان اھا حمايت نھ ملي رھي ھجي ان ڪري اھڙو رويو اختيار ڪيو پيو وڃي.
جيڪڏھن ڳالھه اصول جي ٿيندي تھ پوءِ ڪنھن بھ جماعت کي اسٽيبلشمنيٽ جي حمايت حاصل نھ ڪرڻ گھرجي پر جيڪي ڪجھھ اشارا ملي رھيا آھن انھن مان تھ اھو ئي محسوس ٿي رھيو آھي تھ ھتي تھ ھر ڌر اھو ئي چاھي تھ اھا ”مٿين“ کان رعايت حاصل ڪرڻ ۽ موٽ ۾ انھن کي رعايت ڏيڻ جي لاءِ تيار آھي.
جيڪڏھن سياست جي ڳالھھ ڪجي ۽ عتاب جي ڳالھھ ڪجي تھ پوءِ ھن وقت سڀني کان وڌيڪ تھ پاڪستان تحريڪ انصاف کي سوڙھو ڪيو ويو آھي، ان لحاظ سان تھ سمورين سياسي جماعتن کي اھو مطالبو ڪرڻ گھرجي تھ خود پي ٽي آءِ کي پڻ ھنن چونڊن ۾ ھڪ جھڙو موقعو ڏنو وڃي. بدقسمتي سان ائين نھ پيو ڪيو وڃي.باقي اھو درست آھي تھ مسلم ليگ ن تي ھن وقت اسٽيبلشمنيٽ جي خاص مھرباني آھي،پر جنھن حساب سان ھي چونڊون ٿي رھيون آھن انھن جي نتيجن بابت پڻ مخلتف مبصر راءِ ڏين پيا،جنھن موجب نتيجا سامھون نظر اچي رھيا آھن نھ رڳو اھو پر ان بعد جيڪو ڪجھھ ٿيڻو آھي ان جا بھ اشارا ملي رھيا آھن.اھو ساڳيو تجربو وري ورجائڻ جو مطلب ھي آھي تھ ملڪ ڌٻڻ مان نٿو نڪري سگھي.
ھن وقت ڀلي اسٽيبلشمينٽ کي اھو ھوش نھ ھجي، ممڪن آھي جئين ھن کان اڳ بقول اڳوڻي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا ” اسان تي عمران خان جي عشق جو ڀوت سوار ھو“ ھن وقت بھ جيڪڏھن اھڙو ڪو ڀوت ڪنھن تي سوار آھي تھ اھو ڀلي ھجي پر تاريخ مان ثابت آھي تھ ساڳي اصولن وارو تجربو ساڳيا ئي نتيجا آڻيندو ۽ اڃان بھ جيڪڏھن انھن ڌرين کي سمجھه ۾ نٿو اچي ۽ اھي پنھنجي ضد تي قائم آھن تھ اھو بھ ڪري ڏسن.پر ھي عشق جو ڀوت اڳوڻي کان تمام گھڻو اڳ ۾ ئي لھي ويندو.