ميرپورخاص(بيورو رپورٽ) سول سوسائٽي ميرپورخاص پاران غير قانوني پرڏيهين کي نيڪالي ڏيڻ جي حوالي سان منعقد ڪيل ڪانفرنس کي خطاب ڪندي قومپرست اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ، پنھل ساريو،واجد لغاري، ايڊووڪيٽ علي حسن چانڊيو، مسعود وساڻ، لالا اظھر پٺاڻ ، عبيد بنگلاڻي ، گھرام بلوچ، ،تاج رند، انور نوحاڻي ۽ ٻين چيو ته پنجاب سميت ٻين صوبن مان غيرقانوني پرڏيھين کي تڪڙن بنيادن تي نيڪالي ڏني پئي وڃي، پر سنڌ ۾ اھو عمل سست روي جو شڪار آھي. ھنن چيو ته عدالتن ۾ سرڪاري ادارا به تسليم ڪري چڪا آھن ته سنڌ ۾ 40 لک پرڏيھي رھن ٿا پر خبر ناھي ڇو انھن خلاف ڪو سگھارو آپريشن نه پيو ڪيو وڃي. ھنن چيو تھ رڳو ميرپورخاص ضلعي اندر 1014 غيرقانوني شڪي پرڏيھي ظاھر ڪيا ويا پر اڃا تائين نادرا انھن جي ويريفڪيشن ڪري ڪا رپورٽ ناھي ڏني ۽ ھڪ به غيرقانوني پرڏيھي کي نيڪالي ناھي ڏني وئي. جنهن مان ظاهر ٿي رهيو آھي ته غيرقانوني پرڏيهين کي سنڌ مان نيڪالي ڏيڻ ۾ موجوده حڪمران سنجيده نه آھن ۽ ان حوالي سان سنڌ سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو پيو وڃي، هنن چيو ته اهڙي رويي سبب سنڌ جي عوام ۾ بيچيني ڦھلجي رهي آھي ھنن مطالبو ڪيو ته غيرقانوني پرڏيھين جي نيڪالي واري آپريشن کي سگھارو بڻائي ملڪ تي بار ٿيل غيرقانوني افغانين سيمت سمورن پرڏيهين کي نيڪالي ڏني وڃي..