آمريڪي ڪانگريس ميمبرن جو بائيڊن کي خط،پاڪستان جي امداد روڪڻ جو مطالبو

واشنگٽن(م ڊ)آمريڪي پرڏيهي وزير اينٿوني بلنڪن کي  لکيل خط ۾ آمريڪي ڪانگريس جي 11 ميمبرن بائيڊن انتظاميه تي زور ڀريو آهي ته پاڪستان کي ايندڙ آمريڪي امداد ان وقت تائين روڪيو وڃي جيستائين ملڪ ۾ آئيني نظام بحال نه ٿو ٿئي ۽ آزاد ۽ منصفاڻي حڪومت بحال ٿي وڃي ۽ چونڊون نه ٿيون ٿين. .ڊان اخبار جي رپورٽ موجب آمريڪي قانون سازن قانوني طور اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ کي درخواست ڪئي آهي ته ليهي ايڪٽ ۽ فارن اسسٽنٽ ايڪٽ جي سيڪشن 502 (بي) تحت اهو جائزو ورتو وڃي ته ڇا پاڪستان کي آمريڪي سيڪيورٽي امداد پاڪستان ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين ۾ سهولت فراهم ڪئي آهي.اسان وڌيڪ گذارش ڪريون ٿا ته پاڪستان جي سيڪيورٽي امداد کي روڪيو وڃي جيستائين پاڪستان آئيني حڪم جي بحالي، آزاد ۽ منصفاڻي چونڊون ڪرائڻ طرف فيصلائتي قدم نه کڻندو،“ هن لکيو ته سڀئي پارٽيون آزاديءَ سان حصو وٺڻ جي اهل آهن.قانون سازن لکيو ته اسان فوجداري قانون(ترميمي) بل 2023ع جي منظوري جي حوالي سان ڳڻتي ۾ ورتل آهيون جيڪو توهين رسالت جي موجوده قانون کي سخت ڪندو، ان بل تي صدر جي صحيح ٿيڻ باقي آهي، هنن لکيو ته پاڪستان ۾ مذهبي بنيادن تي ظلم ستم بدستور جاري آهي، خط  لکندڙن ۾ الهان عمر، فرينڪ پيلون جونيئر، جوڪين ڪاسترو، سمرلي، ٽيڊ ڊبليو لو، ڊينا ٽائٽس، لائيڊ ڊوگيٽ ۽ ڪوري بش شامل آهن، خط ۾ اسلام آباد ۾ آمريڪي سفارتخاني تي زور ڀريو ويو ته اهو ايمان مزاري، خديجه شاهه ۽عمران خان جي ڪيسن سميت انساني حقن لاءِ سرگرم سماجي ڪارڪنن ۽ سياسي اڳواڻن جي ڪيسن جي ٻڌڻين ۽ ٻين قانوني ڪاررواين لاءِ مبصر موڪلي،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.