ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي ۾ شهرين کي ڀنگ لاءِ اغوا ڪرڻ مبينا طور سي ٽي ڊي اهلڪار ملوث نڪتا. هڪ اغوا ٿيل شهري آزاد ٿيڻ بعد وڊيو بيان جاري ڪري ڇڏيو آهي. سهراب ڳوٺ جي رهواسي گل محمد پنهنجي مبينا وڊيو بيان ۾ چيو آهي ته ٻه ڏينهن اڳ سادا ڪپڙا پهريل پوليس اهلڪارن کيس ۽ دوست کي بورڊ آفيس وٽان اغوا ڪيو ۽ 3 لک 33 هزار رپيا ڀنگ وٺڻ بعد آزاد ڪيو. پنهنجي بيان ۾ گل محمد ٻڌايو ته جمعي جي ڏينهن مان ۽ منهنجو دوست محمد نور موٽرسائيڪل تي بورڊ آفيس ويجهو موٽرسائيڪل تي پيٽرول ڀرڻ لاءِ روانا ٿي رهيا هئاسين ته اوچتو پوليس موبائيل ۽ موٽرسائيڪل تي ويٺل سادا ڪپڙا پهريل ماڻهو اسان جي ويجهو اچي بيٺان سادا ڪپڙا پهريل اهلڪارن اسان جو منهن ڪپڙي سان ڍڪي اغوا ڪيو، هنن اسان جي ٻن ساٿين کي اونڌو ڪري سخت تشدد جو نشانو بڻائيندي چيو ره گهر وارن کي فون ڪيو ۽ 30 لک گهرايو نه ته ٻي صورت ۾ دستي بم حملي جي ڪيس ۾ توهان کي بند ڪنداسين. شهري پنهنجي بيان چيو آهي ته اتي موجود هڪ سادي پوشاڪ اهلڪار کيس ٻڌايو ته اهو سي ٽي ڊي گارڊن ۾ پئسا کڻي اچن، جڏهن ته دوست جيڪو گهر مان پئسا کڻي آيو هو، ان کي چيو ويو ته هو پئسا وٺي سي ٽي ڊي گارڊن اچي شهري گل محمد چيو ته اغوا ڪندڙن جي سامهون اچڻ تي سڃاڻپ ڪندو.
يمن جي حوثين اسرائيلي جهاز اغوا ڪري ورتو
يروشلم ( م ڊ ) اسرائيلي فوج تصديق ڪئي آهي ته يمن ۾ ايران جي حمايت يافته حوثي باغين احمر سمنڊ ۾ هڪ جهاز کي اغوا ڪيو آهي. اسرائيلي ڊفينس فورسز (آءِ ڊي ايف) جو چوڻ آهي ته يمن جي ڏکڻ احمر سمنڊ ۾ حوثي باغين طرفان مال بردار جهاز کي اغوا ڪرڻ عالمي سطح تي انتهائي سنگين واقعو آهي. آءِ ڊي ايف جو چوڻ آهي ته جهاز ترڪي کان هندستان لاءِ روانو ٿيو، جنهن ۾ اسرائيلين سميت مختلف قوميتن جا شهري سوار هئا. هي اسرائيلي جهاز ناهي. اغوا ٿيل جهاز جو نالو ”گليڪسي ليڊر“ آهي، جهاز هڪ برطانوي ڪمپني طرفان رجسٽرڊ ٿيل آهي، جيڪو جزوي طور تي اسرائيلي ٽائيڪون ابراهيم انگر جي ملڪيت آهي. يروشلم ۾ اسرائيلي وزيراعظم جي آفيس طرفان جاري ڪيل بيان ۾ تصديق ڪئي وئي آهي ته جهاز هڪ جاپاني فرم هلائي رهيو هو ۽ ان ۾ يوڪرين، بلغاريا، فلپائن ۽ ميڪسيڪو جا 25 عملدار سوار هئا. بيان ۾ چيو ويو آهي ته هي ايراني دهشتگردي جو هڪ ٻيو عمل آهي ۽ آزاد دنيا جي شهرين جي خلاف ايران جي جارحيت ۾ اضافو آهي. حوثي فوج جي ترجمان يحيٰ سريا سڀني ملڪن کان مطالبو ڪيو ته هو اسرائيلي جهازن تي عملي جي ميمبر طور ڪم ڪندڙ پنهنجن شهرين کي واپس گهرائن، اسرائيلي مال بردار جهازن سان ڪم ڪرڻ کان پاسو ڪن ۽ اسرائيلي جهازن کان پري رهن.