حقيقي حڪمراني لاءِ سنڌ جي غيرت مند ماڻھن کي گڏجي جدوجھد ڪرڻي پوندي:قادر مگسي

ٽنڊوالھيار ( رپورٽ : حسرت لغاري ) سنڌ کي تباھ ڪرڻ ۾ پ پ  ڪابه ڪسر نه ڇڏي آھي، سنڌ جي عوام کي غلام بڻائي رکيو ويوآھي جن کي غلامي مان آزاد ڪرائڻو آھي. اھڙن خيالن جو اظھار سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي ايس ٽي پي جي مرڪزي اڳواڻ شھيد الطاف جسڪاڻي جي ٽنڊوالھيار ۾ نصرپور روڊ تي ترقي پسند ھائوس سامھون منعقد ڪيل ٽئين ورسي جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. قادر مگسي وڌيڪ چيو ته بلاول ڀٽو زرداري چوندو ڦري ٿو ته نواز شريف لاڏلو ٿي ويو آهي پر آئون چوان ٿو ته توهان سڀ لاڏلا آهيو، تنھنڪري مٽا سٽا وارو سسٽم هاڻ مڪمل طرح بند ٿيڻ گهرجي. زرداري وفاق سان ملي ڪري سنڌ جي عوام کي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي نالي تي چريو بڻائي رهيو آهي، پر اصل ۾ اها رام ته ورلڊ بئنڪ جي طرفان ڏنل آھي جنھن جو مقصد عوام کي غربت مان نجات ڏيارڻ ۽ کين اھا رقم سندن ڪاروبار ڪرڻ لاءِ ڏنا وڃن ٿا، ڪنهن جو عوام تي ٿورو ناهي. هن چيو ته شھيد الطاف جسڪاڻي سنڌ جي للڪار ھو، آواز ھو، جنھن کي سنڌ جي دشمنن شھيد ڪيو، الطاف جسڪاڻي جو مقصد ۽ جدوجھد سنڌ مان جاگيردارانا راڄ کي ختم ڪرڻ لاءِ ھئي، جنھن ڪري انھي نظام کي به ختم ڪرڻو آهي. اسان جا پڙھيل لکيل نوجوان بيروزگاري جي عذاب ۾ ورتل آھن ۽ اسان جي نوجوانن کان روزگار کسي سنڌ کي لٽيو ويو آھي. هن وڌيڪ چيو ته ميرن پيرن جي سياست کان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ عوام کي سنڌ ترقي پسند پارٽي کي ڪامياب ڪرڻو پوندو ۽ سنڌ ۾ حقيقي حڪمراني لاءِ سنڌ جي غيرت مند ماڻھن کي گڏجي جدوجھد ڪرڻي پوندي تقريب کي شهيد الطاف جسڪاڻي جي نياڻي وينجهار جسڪاڻي . عبدالحميد سمون . قادر چنا . حيدر ملاح . نثار ڪيريو . مير محمد پتافي . عبدالمالڪ دائوداڻي . محبوب سمون ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. تقريب ۾ سنڌ جي مختلف شھرن ۽ علائقن مان آيل ڪارڪنن جي وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.