اسلام آباد(م ڊ) انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (آءِ ايم ايف) جي پبلڪ انويسٽمينٽ مئنيجمينٽ اسيسمينٽ رپورٽ ۾ پاڪستان جي ترقياتي بجيٽ تي خدشن جو اظهار ڪيو ويو آهي.آءِ ايم ايف جي پبلڪ انويسٽمينٽ مئنيجمينٽ اسيسمينٽ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جي ترقياتي بجيٽ ناقابل برداشت آهي، ان تي نظرثاني ٿيڻ گهرجي.رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته سمورن ترقياتي منصوبن کي مڪمل ڪرڻ لاءِ 10.7 ٽريلين رپيا گهربل آهن، ترقياتي منصوبن لاءِ گهربل فنڊنگ هلندڙ سال جي 727 ارب رپين جي ترقياتي بجيٽ کان 14 ڀيرا وڌيڪ آهي، گذريل بجيٽ ۾ حڪومت 2.3 ٽريلين رپين جا نوان ترقياتي منصوبا شروع ڪيا. آءِ ايم ايف جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ترقياتي منصوبن جي منظوري کان اڳ ٽيڪنيڪل اسيسمينٽ ضروري آهي، ترقياتي منصوبن جي چونڊ لاءِ 5 سالن جي پاليسي جوڙي وڃي، ترقياتي منصوبن لاءِ فنڊ جاري ڪرڻ جو طريقيڪار تيار ڪري شايع ڪيو وڃي. رپورٽ موجب هلندڙ مالي سال جي آخر تائين پاڪستان جو قرض 81.8 ٽريلين ٿي ويندو جيڪو ملڪ جي جي ڊي پي جو 73 سيڪڙو آهي، ايندڙ بجيٽ جو حجم 15.4 ٽريلين تائين هوندو.انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ جي رپورٽ موجب پاڪستان موسمياتي تبديليءَ جي ڪري سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪن ۾ شامل آهي، پاڪستان ۾ 2022ع جي ٻوڏ سبب 3 ڪروڙ ماڻهو متاثر ٿيا ۽ 1700 ماڻهو ٻوڏ سبب فوت ٿيا.رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 2000ع کان پاڪستان ۾ هر سال موسمياتي تبديلي 2 ارب ڊالرن جو نقصان ڪري رهي آهي، پاڪستان ۾ هر سال 40 لک ماڻهو موسمياتي تبديلين سبب متاثر ٿين ٿا ۽ 500 ماڻهو قدرتي آفتن ۽ موسمياتي تبديلين سبب فوت ٿي وڃن ٿا.آءِ ايم ايف جي رپورٽ موجب موسمياتي تبديلي پاڪستان ۾ زراعت ۽ انفراسٽرڪچر کي تباهه ڪري رهي آهي، 2050 تائين پاڪستان جي معيشت قدرتي آفتن سبب 9 سيڪڙو تائين متاثر ٿي سگهي ٿي، پاڪستان ۾ موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ لاءِ بجيٽ انتهائي ناقص آهي، پاڪستان کي ترقياتي بجيٽ ۾ موسمياتي تبديلين جي منصوبن کي ترجيح ڏيڻ گهرجي