بي حس حڪمرانن کي بم۽ پٽڙين تي ڌماڪا ئي ٻڌڻ ۾ ايندا، پرامن ماڻهن جون رڙين کي ٻڌڻ جوڳو نٿا سمجهن: قادر مگسي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) حيدرآباد ۾ ايس پي ايس سي خلاف لڳل شاگردن ۽ اميدوارن جي ڌرڻي واري هنڌ تي ايس ٽي پي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي پهتو.

ڊاڪٽر قادر مگسي بک هڙتال تي ويٺل شاگردن جي بک هڙتال ختم ڪرائڻ کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان سندن جدوجهد جو مان رکون ٿا، شاگردن جي صحت ۽ حياتين کي نظر ۾ رکندي کين بُک هڙتال ختم ڪرڻ جي منٿ ڪري کانئن بک هڙتال ختم ڪرائي آهي.

ايس ٽي پي سربراهه چيو ته شاگردن کي اهو چيو آهي ته جيڪڏهن اهي تحريڪ جاري رکڻ چاهين ٿا ته اسان سان رابطي ۾ اچن، اسان هن ڪرپٽ ڪميشن جا تڏا ويڙهي ڏيکارينداسين.

هن وڌيڪ چيو ته بي حس حڪمرانن کي رڳو بم ڌماڪن، بارود، ريل جي پٽڙين تي ڌماڪن، وڏي حادثن ۾ تي ئي نظر هوندي آهي، اهي پرامن ماڻهن جون دانهون ڪوڪون ۽ رڙيون ٻڌڻ جوڳيون ئي نٿا سمجهن.

ان کان اڳ ڊاڪٽر قادر مگسي اميدوارن جي ڪئمپ تي خطاب ڪندي چيو ته اسان شاگردن جي هر همت، جرئت ۽ مستقل مزاجي واري جدوجهد کي ساراهيون ٿا، هن تحريڪ ۾ سول سوسائٽي جو ساٿ ڏيندڙن جون به مهربانيون.

سندس چوڻ هو ته شاگردن تحريڪ شروع ڪرڻ کان اڳ شايد اهو سوچو هجي ته هي سوشل ميڊيا جو دور آهي، هو جيئن ئي تحريڪ شروع ڪندا، حق گهرڻ لاءِ نعرا هڻندا ته ٽرينڊنگ تحت هو سڄي سنڌ ۾ سگهارو آواز بڻبا ۽ سڄي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان هوريان هوريان ماڻهو اچي سندن تحريڪ جو حصو بڻجي انهن جي آواز سان آواز ملائي هڪ ٿي ويندا، پر افسوس سان چوڻو ٿو پئي ته هي سڄو سماج يرغمال آهي، پنج منٽن تائين سوشل ميڊيا جو ٽرينڊ بڻجڻ ۽ ڪاميابي لاءِ جدوجهد ڪرڻ ۾ زمين آسمان جو فرق آهي.

قادرمگسي خطاب ۾ اميدوارن کان سوال ڪندي چيو ته توهان کان پڇڻ چاهيان ٿو ته توهان کي مرڻ گهڙي تائين بُک هڙتال ڪرڻ جي صلاح ڪنهن ڏني؟ توهان نوجوان ٻار آهيو، اسان اوهان جي زندگين سان محبت ڪيون ٿا، اوهان ئي سڀاڻي جي سنڌ جي اميد آهيو.توهان سان رڳو توهان جي ماءُ پيءُ جون اميدون ئي نه پر سڄي سنڌ جو آئيندو جڙيل آهي.جيڪڏهن اوهان نوجوانن مان ڪي هڪ ٻه زندگيون هن سازشي پاليسين جي ور چڙهي ضايع ٿي وڃن ها ته انهن جو پورائي نٿي سگهي ها.

هن ڪنهن سياستدان جو نالو وٺڻ بدران ٽوڪ ڪندي چيو ته جيڪڏهن ڪنهن بوني سوني سياستدان اوهانکي جيڪڏهن صلاح ڏني آهي ته بابا ڪم تيار آهي، هاڻي مرڻ گهڙي تائين بُک هڙتال ڪيو ته مسئلا حل ٿي ويندا بس سڄي سنڌ اٿي پوندي ته ائين ناهي، جيڪڏهن ڪنهن سياسي اڳواڻ اوهانکي صلاح ڏني هئي ته انکي توهان سان بُک هڙتال تي گڏ ويهڻ گهرجي ها. پر جيڪڏهن توهان کي اها صلاح ڪنهن سياسي ماڻهو نه ڏني آهي ته پوءِ مان توهان جي ان سوچ ۽ بُک هڙتال واري عمل تي جس ڏيان ٿو.

قادر مگسي پنهنجي خطاب ۾ چيو ته ماڻهو رات جو رحزنن سان شراب پارٽيون ڪري ۽ ڏينهن جو اوهان سان گڏجي نعرا هڻندا آهن ته انقلاب زندا آباد، هي ڏاڍو خطرناڪ معاشرو آهي.

ايس ٽي پي سربراهه چيو ته ان تحريڪ يا احتجاج کان اڳ اسان سان صلاح ڪيو ها ته اهڙي مرحلي وار جدوجهد ڪيون ها جو حڪمرانن کي ڳچي ۾ پئجي وڃون ها ۽ انهن کي اوهان جي اڳيان گوڏا کوڙڻ تي مجبور ڪيون ها.

قادر مگسي وڌيڪ چيو ته اوهان جنهن وقت پنهنجي روزگار لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهيو ان وقت دشمن قوتون سنڌ خلاف سازشون ڪري رهيون آهن ۽ اسانکي هن وقت اهو ڏسڻو آهي ته اسانجي ترجيح هن وقت سنڌ بچائڻ آهي يا ڪا ٻئي ترجيح آهي.

هن آخر ۾ چيو ته جيڪڏهن اوهان اڄ بُک هڙتال ختم ڪيو ٿا ته اهو طئي آ جڏهن اسان ٻئي ڀيري ملنداسين ته ڪو لائحه عمل جوڙي هيءَ ڪميشن اوهانکي ٽوڙي ڏيکارينداسين.

You might also like