نوجوانن ۾ تيزي سان وڌندڙ ڪينسر جي مرض جو حيران ڪندڙ سبب دريافت

ڪجهه سال اڳ تائين ڪينسر کي عام طور تي وڏي عمر وارن ماڻهن جي بيماري سمجهيو ويندو هو، يعني عمر وڌڻ سان ان جو خطرو به وڌندو آهي.

پر تازن سالن دوران جوان ماڻهن ۾ هن موتمار بيماري جي پکڙجڻ ۾ واڌ ڏسڻ ۾ آئي آهي.

اهو ئي سبب آهي جو واشنگٽن يونيورسٽي اسڪول آف ميڊيسن جي هڪ تحقيق ۾ اهو معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته آخر ڪهڙا سبب آهن، جن جي ڪري جوان ماڻهن ۾ ڪينسر جو خطرو وڌي ويو آهي.

تحقيق دوران اهڙا ثبوت مليا، جن مان اشارو ملي ٿو ته هاڻوڪي دور جي نسل سان تعلق رکندڙ ماڻهن جي حياتياتي عمر وڌيڪ تيزيءَ سان وڌي رهي آهي.

ياد رهي ته عام طور تي هر ماڻهو جي عمر سندس ڄمڻ جي تاريخ، مطلب حقيقي يا تاريخي عمر، ذريعي طئي ڪئي ويندي آهي. پر طبي لحاظ کان هڪ حياتياتي عمر به هوندي آهي، جيڪا جسم ۽ دماغ جي ڪارڪردگيءَ جي حالت کي ظاهر ڪري ٿي.

جينز، زندگي گذارڻ جو انداز ۽ ٻيا ڪيترائي عنصر حياتياتي عمر تي اثرانداز ٿين ٿا. حياتياتي عمر جيتري وڌيڪ هوندي، مختلف بيمارين جو خطرو به اوترو ئي وڌي سگهي ٿو.

تحقيق ۾ خبر پئي ته جوان ماڻهن جي حياتياتي عمر، ماضي جي نسلن سان تعلق رکندڙ ماڻهن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ تيزيءَ سان وڌي رهي آهي.

ماهر اڃا تائين اهو معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ته آخر جوان ماڻهن ۾ اهي تبديليون ڇو اچي رهيون آهن.

تحقيق مان اها خبر پئي ته حياتياتي عمر جي تيزيءَ سان وڌڻ سبب جوان ماڻهن ۾ ڪينسر جو خطرو پڻ وڌي وڃي ٿو.

تحقيق موجب حياتياتي عمر ۾ تيزيءَ سان واڌ ٿيڻ سان جسم جي خلين، عضون، ميٽابولزم ۽ ٻين جسماني نظامن ۾ تبديليون اچن ٿيون.

محققن ٻڌايو ته جڏهن حياتياتي عمر ۽ حقيقي عمر جي وچ ۾ فرق وڌي وڃي ٿو ته ڪينسر جو خطرو پڻ وڌي ويندو آهي.

محققن جو چوڻ هو ته ان ڳالهه مان ڪنهن حد تائين وضاحت ملي ٿي ته جوان ماڻهن ۾ ڪينسر جي ڪيسن جي شرح تيزيءَ سان ڇو وڌي رهي آهي.

تحقيق ۾ اهو به معلوم ٿيو ته عمر وڌڻ جا اثر جسم جي هر عضوي تي هڪجهڙا نٿا پون.

حقيقت ۾ حياتياتي عمر ۾ تيزيءَ سان واڌ انهن عضون ۾ وڌيڪ ڏٺي وئي، جيڪي اڪثر ڪينسر سان لاڳاپيل هوندا آهن.

هن ئي تحقيقاتي ٽيم ماضي ۾ ڪيل مختلف تحقيقن دوران معلوم ڪيو هو ته ڪيترائي عنصر ڪنهن ماڻهو ۾ ڪينسر جو خطرو وڌائي سگهن ٿا.

جسم جو وڌيل وزن، ميٽابولڪ ڪارڪردگيءَ ۾ گهٽتائي، شراب جو استعمال، گهڻو وقت ويٺي گذارڻ ۽ غيرصحتمند خوراڪ جو استعمال ڪينسر جي مختلف قسمن جو خطرو وڌائي سگهي ٿو.

هن تحقيق ۾ هڪ لک 54 هزار کان وڌيڪ ماڻهن جي انگن اکرن جو تجزيو ڪيو ويو ۽ انهن جو مقابلو 10 هزار ماڻهن تي ٻڌل هڪ ٻئي گروپ جي انگن اکرن سان ڪيو ويو.

نتيجن مان خبر پئي ته پهرين گروپ ۾ شامل جوان ماڻهن جي حياتياتي عمر، وڏي عمر وارن ماڻهن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ تيزيءَ سان وڌي رهي هئي.

ساڳيءَ ريت ٻئي گروپ ۾ به اهو فرق وڌيڪ واضح نظر آيو. خاص طور تي 1990ع کان 1999ع جي وچ ۾ پيدا ٿيل ماڻهن جي حياتياتي عمر وڌڻ جي شرح، 1965ع کان 1969ع جي وچ ۾ پيدا ٿيل ماڻهن جي ڀيٽ ۾ 92 سيڪڙو وڌيڪ هئي.

وڌيڪ تجزيي مان خبر پئي ته حياتياتي عمر ۾ واڌ سبب جوانيءَ ۾ ڪينسر ۾ مبتلا ٿيڻ جو خطرو 8 سيڪڙو تائين وڌي سگهي ٿو. خاص طور تي ڦڦڙن ۽ هاضمي واري نظام سان لاڳاپيل ڪينسر جي قسمن جو خطرو وڌيڪ وڌي ٿو.

هن تحقيق جا نتيجا طبي تحقيقي رسالي نيچر ميڊيسن ۾ ڇپيا ويا آهن.

You might also like