هالي ووڊ جي پهرين هٿرادو ڏاهپ (AI) سان تيار ڪيل اداڪارا ٽلي نوروڊ پنهنجو پهريون ڪئميرا آڏو انٽرويو ڏئي ڇڏيو.
سي اين اين جي ميزبان ايلزبيٿ ويگ ماسٽر انٽرويو دوران ٽلي نوروڊ کي باقاعده آڊيشن جهڙو ڪم ڏنو. هن چيو ته تصور ڪريو ته توهان کي هاڻي خبر پئي آهي ته توهان جو پالتو ڪتو مري ويو آهي، ۽ هن صورتحال تي اداڪاري ڪري ڏيکاريو.
جواب ۾ AI اداڪارا چيو ته جيڪڏهن اهو آڊيشن هجي ها ته هوءَ شايد بلڪل خاموش بيٺي رهي ها ۽ ان ڏک کي ”ڊجيٽل طور محسوس“ ڪري ها.
شروعاتي پرامپٽن ذريعي ٽلي گهربل جذباتي منظر پيش نه ڪري سگهي، ۽ مڪمل منظر تيار ڪرڻ لاءِ سندس پويان ڪم ڪندڙ ڪمپني پارٽيڪل 6 کي ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين ڪمپيوٽر ذريعي پروسيسنگ ڪرڻي پئي.
سي اين اين جي ميزبان هن تجربي کان پوءِ نشاندهي ڪئي ته ٽلي پاڻمرادو اداڪاري نٿي ڪري سگهي، پر کيس اهو ٻڌائڻ لاءِ لڳاتار پرامپٽ ۽ فني هدايتون گهربل هونديون آهن ته کيس ڇا ڪرڻو آهي.
ٽلي نوروڊ جي خالق ايلين وان ڊير ويلڊن جي خواهش آهي ته سندس AI اداڪاره مستقبل ۾ اسڪارليٽ جوهانسن يا نٽالي پورٽمين جهڙو مقام حاصل ڪري. تنهن هوندي به، سندس چوڻ آهي ته ٽلي کي انساني اداڪارن جي جاءِ وٺڻ لاءِ تيار نه ڪيو ويو آهي.
ٽلي نوروڊ اڃا تائين ڪنهن به رليز ٿيل فلم ۾ نظر ناهي آئي، پر هوءَ ايندڙ فيچر ڪاميڊي ڊراما فلم ”مس الائنڊ“ ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪرڻ واري آهي. هيءَ فلم انساني فلم سازن ۽ AI ماهرن جي گڏيل سهڪار سان تيار ڪئي ويندي.