اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيٽروليم ڊيلرز ايسوسيئيشن وزيراعظم طرفان عوام کي پيٽرول ۾ رليف ڏيڻ لاءِ اعلان ڪيل خاص اسڪيم جي آجيان ڪندي ان جي طريقيڪار تي سخت خدشن جو اظهار ڪيو آهي ۽ خدشا ختم ٿيڻ تائين اسڪيم تي عمل نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
پي پي ڊي اي حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته اسڪيم تي عملدرآمد کان اڳ پيٽروليم ڊيلرز کي اعتماد ۾ ورتو وڃي، ٻي صورت ۾ اها اسڪيم عوام کي رليف ڏيڻ بدران ملڪ جي هزارين پيٽرول پمپن ۽ ڊيلرز کي سخت مالي بحران ۾ وڪوڙي سگهي ٿي.
پي پي ڊي اي جي چيئرمين ملڪ خدا بخش ٻين عهديدارن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اسان حڪومت طرفان عوام کي رليف ڏيڻ جي مقصد جي مڪمل حمايت ڪريون ٿا، پر رليف فراهم ڪرڻ لاءِ اختيار ڪيل طريقيڪار تي اسان کي سخت خدشا آهن.
هن چيو ته افسوس جي ڳالهه آهي ته حڪومت اسڪيم جي تياري ۽ اعلان کان اڳ پيٽروليم ڊيلرز جي نمائنده تنظيم سان ڪنهن به قسم جي مشاورت نه ڪئي.
هن چيو ته پيٽروليم ڊيلرز اڳ ئي سخت معاشي دٻاءَ جو شڪار آهن، مهانگائي، ڪاروباري خرچن ۾ مسلسل واڌ ۽ محدود مارجن سبب ڊيلرز جو سرمايو سخت متاثر ٿي چڪو آهي، اهڙي صورتحال ۾ جيڪڏهن رليف اسڪيم جي رقم اربين رپين جي صورت ۾ ڊيلرز جي سرمائي ۾ ڦاسي وئي ته ان مالي نقصان ۽ ڪاروباري بحران جي ذميواري ڪير قبول ڪندو؟
پي پي ڊي اي جي اڳواڻ امير خان ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسڪيم گذريل ڏينهن اسلام آباد ۾ لاڳو ڪئي وئي هئي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ اڄ رات 12 وڳي کان لاڳو ٿيڻي آهي، پر ايسوسيئيشن خدشا ختم ٿيڻ تائين اسڪيم تي عمل نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
پريس ڪانفرنس دوران ملڪ خدا بخش چيو ته حڪومت اڳ ئي آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين کي رهتن جي ادائيگي واري معاملن ۾ دير ڪري رهي آهي، جڏهن ته ڊيلرز به پنهنجي ڪاروبار ۾ وڏو سرمايو گردش ۾ رکن ٿا. اسان اهڙي ڪنهن اسڪيم جو حصو نٿا بڻجي سگهون، جنهن ۾ پهريان ڊيلر پنهنجي کيسي مان رقم خرچ ڪري ۽ پوءِ ادائيگي لاءِ غيريقيني صورتحال کي منهن ڏئي.
هن واضح ڪيو ته پي پي ڊي اي عوام کي رليف ڏيڻ جي خلاف ناهي، پر اهڙي طريقيڪار جي خلاف آهي، جنهن ۾ رليف جو مالي بار پيٽروليم ڊيلرز تي منتقل ڪيو وڃي.
سندس چوڻ هو ته حڪومت اثرائتي رليف لاءِ اهڙو نظام جوڙي، جنهن ۾ ڊيلرز جو سرمايو نه ڦاسي ۽ کين مالي نقصان کي منهن نه ڏيڻو پوي.
پي پي ڊي اي جي اڳواڻن موجب، سڄي ملڪ ۾ لڳ ڀڳ 14 هزار پيٽروليم ڊيلرز هن شعبي سان لاڳاپيل آهن ۽ اعلان ڪيل طريقيڪار تي عملدرآمد جي صورت ۾ هزارين ڪاروباري ادارا سخت مالي مشڪلاتن جو شڪار ٿي سگهن ٿا.
هنن چيو ته حڪومت کي گهرجي ته اسڪيم جي طريقيڪار تي نظرثاني ڪري ۽ پيٽروليم ڊيلرز سان ترت مشاورت کانپوءِ قابلِ عمل حڪمت عملي جوڙي.
”وزيراعظم جي 100 رپيا في ليٽر رليف اسڪيم تي عمل نه ڪنداسين“ پيٽروليم ڊيلرز جو وڏو اعلان
You might also like