اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان هاڪي فيڊريشن ڀارت ۾ شيڊيول مينز ايشين چيمپئنز ٽرافي 2026 ۾ کيڏڻ کان انڪار ڪندي ٽورنامينٽ يا پاڪستان جون سموريون ميچون ڪنهن نيوٽرل وينيو تي ڪرائڻ جي باضابطا درخواست ڪري ڇڏي آهي.
پاڪستان هاڪي فيڊريشن جي صدر محي الدين احمد واني پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته پاڪستان ايشين هاڪي فيڊريشن کي مينز ايشين چيمپئنز ٽرافي 2026 جو ٽورنامينٽ يا پاڪستان جون سموريون ميچون ڪنهن نيوٽرل وينيو تي منتقل ڪرڻ جي باضابطا درخواست ڪئي آهي.
محي الدين احمد واني چيو ته اهو فيصلو پاڪ-ڀارت موجودا ٻطرفي حساس صورتحال ۽ سيڪيورٽي حالتن کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويو آهي، جنهن جو مقصد قومي رانديگرن ۽ آفشلز لاءِ محفوظ، باوقار ۽ سازگار ماحول يقيني بڻائڻ آهي.
هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ايشين چيمپئنز ٽرافي ۽ عالمي هاڪي جي واڌ ويجهه لاءِ مڪمل طور پرعزم آهي، اسان ڀارت سميت سمورن عالمي هاڪي فيڊريشن جي ميمبر ملڪن خلاف ميدان ۾ لهڻ لاءِ تيار آهيون ۽ راند کي سياست کان پاڪ رکڻ واري نظريي تي قائم آهيون.
هن چيو ته اسان کي پختو يقين آهي ته ايشين هاڪي فيڊريشن پاڪستان جي بنا رنڊڪ ۽ مڪمل شرڪت کي يقيني بڻائڻ لاءِ نيوٽرل هنڌ بابت اسان جي تجويز تي هاڪاري فيصلو ڪندي.
واضح رهي ته ڀارت ۾ شيڊيول ايشين هاڪي چيمپئنز ٽرافي ۾ پاڪستان، ڀارت، چين، جپان، ملائيشيا ۽ ڪوريا جون ٽيمون شرڪت ڪنديون. ايشين چيمپئنز ٽرافي 27 آڪٽوبر کان 5 نومبر تائين جالنڌر ۽ موهالي ۾ کيڏي ويندي.
You might also like