عالمي ۽ مقامي صرافا مارڪيٽن ۾ سون جي اگهن ۾ وڏو واڌارو ٿيو آهي.
آل پاڪستان صرافا جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب 24 ڪيريٽ في تولو سون جي قيمت ۾ 7,900 رپين جو اضافو ٿيڻ کان پوءِ اها وڌي 4 لک 57 هزار 236 رپيا ٿي وئي آهي.
24 ڪيريٽ 10 گرام سون جي قيمت 6,773 رپيا وڌي 3 لک 92 هزار 6 رپيا ٿي وئي آهي.
اهڙيءَ ريت 22 ڪيريٽ 10 گرام سونو 6,208 رپين جي واڌ سان 3 لک 59 هزار 351 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
في تولو 24 ڪيريٽ چاندي جي قيمت ۾ 140 رپين جو اضافو ٿيو آهي، جنهن کان پوءِ اها 6,942 رپيا ٿي وئي آهي، جڏهن ته 10 گرام 24 ڪيريٽ چاندي 120 رپيا وڌي 5,951 رپيا ٿي وئي آهي.
عالمي بلين مارڪيٽ ۾ في اونس سون جي قيمت 79 ڊالر وڌي 4,347 ڊالر ٿي وئي، جڏهن ته في اونس چاندي جي قيمت 1.40 ڊالر جي اضافي سان 64.64 ڊالر تي پهتي.