ڊارڪ ميٽر جي ڳولا ڪندڙ سائنسدانن کي پراسرار ذري جو اشارو مِلي ويو!

ڊارڪ ميٽر جي حقيقت ڄاڻڻ جي ڪوشش دوران سائنسدانن هڪ غيرمعمولي ذراتي رابطي (انٽريڪشن) کي رڪارڊ ڪيو آهي، جنهن کي هن پراسرار ۽ نظر نه ايندڙ مادّي جي نوعيت بابت هيل تائين مليل مضبوط ترين اشارن مان هڪ سمجهيو پيو وڃي. تنهن هوندي به، تحقيق ڪندڙن واضح ڪيو آهي ته ان کي اڃا تائين ڊارڪ ميٽر جي دريافت قرار نٿو ڏئي سگهجي.

هي غيرمعمولي واقعو ڏکڻ ڊڪوٽا ۾ قائم سينفورڊ انڊرگرائونڊ ريسرچ فيسلٽي ۾ زمين کان لڳ ڀڳ هڪ ميل جي اونهائيءَ ۾ هلندڙ لَڪس-زيپلِن (LZ) تجربي دوران رڪارڊ ڪيو ويو.

LZ تجربي ۾ لڳ ڀڳ 10 ٽن انتهائي خالص مائع زينون استعمال ڪيو ويندو آهي، جنهن جو مقصد وِيڪلي انٽريڪٽنگ ميَسو پارٽيڪلز (WIMPs) نالي ذرن جي ڳولا ڪرڻ آهي. اهي ذرا ڊارڪ ميٽر جي اهم نظرياتي اميدوارن ۾شمار ٿين ٿا.

تحقيق دوران سائنسدانن کي ذرن جو اهڙو هڪ رابطو مليو، جنهن جي وضاحت هينئر تائين معلوم پسِ منظر وارن عملن ذريعي ڪرڻ ڏکي ثابت ٿي آهي. تجزيي موجب هن سگنل جي عالمي شمارياتي اهميت 2.6 سگما نڪتي، جنهن ۾ ”لُڪ-ايلسيوِر اِفڪٽ“ کي به نظر ۾ رکيو ويو. اها سطح ڪنهن سائنسي دريافت جو باضابطه اعلان ڪرڻ لاءِ گهربل معيار کان ڪافي گهٽ آهي.

سائنسدانن موجب ڪائنات جي ڪل مادّي جو لڳ ڀڳ 85 سيڪڙو ڊارڪ ميٽر تي مشتمل سمجهيو وڃي ٿو. ان کي سڌيءَ ريت ڏسي نٿو سگهجي، پر ڪهڪشائن ۽ ڪائناتي ڍانچن تي ان جي ڪششِ ثقل جي اثرن مان ان جي موجودگيءَ جو اندازو لڳايو ويندو آهي.

LZ ٽيم وڌيڪ انگ اکر گڏ ڪرڻ جو سلسلو جاري رکندي. جيڪڏهن ايندڙ مشاهدن ۾ به اهو ئي سگنل وڌيڪ مضبوط نظر آيو ته اهو ڊارڪ ميٽر جي ڳولا ۾ وڏي اڳڀرائي ثابت ٿي سگهي ٿو. پر جيڪڏهن اهو سگنل ختم ٿي ويو ته ممڪن آهي ته اهو ڪنهن اڻڄاتل پسِ منظر واري عمل جو نتيجو هجي.

You might also like