ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران بلوچ يڪجهتي ڪميٽي ڪراچي پاران ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران کنڀي ڪيلن کي ڪوڙا پوليس مقابلا ڄاڻائي قتل ڪرڻ خلاف احتجاج مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي مظاهرين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته کنڀي گم ڪيل بلوچن کي ڪوڙن پوليس مقابلن ۾ ماريو پيو وڃي، خضدار ۾ سي ٽي ڊي پاران 3 ماڻهن کي مقابلي ۾ مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي انهن ۾ هڪ آفتاب سمالاني آهي جنهن کي هن سال 11 آگسٽ تي کنڀي گم ڪيو ويو هو ۽ ان سان گڏوگڏ خضدار مقابلي ۾ فوت ٿي ويل عبدالله زهري به کنڀي گم ڪيل واري لسٽ ۾ هو. هنن چيو ته نومبر جي پهرين هفتي ۾ بلوچستان جي مختلف علائقن سميت ڪراچيءَ مان 23 بلوچن کي کنڀي گم ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ بيبرگ، امداد، قاسم، اڪرم، سالم، جميل، شيران، حمزه، شاهد، عبدالوهاب، صلاح الدين، گازين ۽ ٻيا شامل آهن. هنن مطالبو ڪندي چيو ته حڪومت ان معاملن تي نظرثاني ڪري ۽ رياستي ادارن کي غير قانوني عمل کان روڪڻ ۾ ڪردار ادا ڪري.