ڪوئيٽا ( م ڊ ) بلوچستان جي ضلعي ڪيچ جي تعلقي هوشاب ۾ ڪار ڌماڪي جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا. ڊپٽي ڪمشنر ڪيچ حسين جان بلوچ خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته ڪيچ ضلعي جي هوشاب جي علائقي بالگتر ۾ ڪار ڀرسان ڌماڪو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪار ۾ سوار 3 ڄڻا مارجي ويا. اطلاع ملندي ئي ليويز اهلڪارن پهچي فوتين جا لاش تربت اسپتال منتقل ڪيا. هن چيو ته هن وقت تائين اهو معلوم نه ٿي سگهيو آهي ته ڌماڪو بارودي سرنگ سان گاڏي ٽڪرائڻ سبب ٿيو يا روڊ جي ڪناري تي نصب بم جي نتيجي ۾ ٿيو، ان حوالي سان جاچ ڪري رهيا آهيون.