حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد ۾ زميندار جي بنگلي تي ڪم ڪندڙ معصوم پورهيت نينگر پرسرار نموني فوت ٿي ويو، بنگلي جي مالڪ نينگر جي موت کي خودڪشي قرار ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته وارثن نينگر کي قتل ڪرڻ جو شڪ ظاهر ڪيو آهي، بنگلي جو مالڪ زميندار نينگر جو لاش وارثن حوالي ڪرڻ بعد بنگلي کي تالا هڻي فرار ٿي ويو آهي. قاسم آباد جي شيدي ڳوٺ ڀرسان نوشهروفيروز واسي زميندار برڪت ڀرٽ جي بنگلي تي ڪم ڪندڙ 12 ورهين جو معصوم نينگر ميهڙ واسي پورهيت راشد کوسو جي پراسرار نموني فوت ٿيڻ وارو واقعو پيش آيو، گذريل ڏينهن ڇنڇر تي واقعي بعد بنگلي جي مالڪ مبينا طور فوتي نينگر جي موت کي آپگهات قرار ڏئي سندس لاش کڻائي ميهڙ ۾ وارثن حوالي ڪيو، جنهن کانپوءِ نينگر راشد جو والد غلام رسول کوسو ۽ ٻيا وارث نينگر جو لاش کڻي واپس حيدرآباد آيا ۽ نسيم نگر ٿاڻي پهتا، فوتي نينگر جي وارثن پوليس کي بيان ڏنو، جنهن بعد پوليس لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال منتقل ڪرايو، جتان پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.
اسان جي نينگر کي تشدد ڪري قتل ڪيو ويو: وارث
حيدرآباد: فوتي نينگر جي وارثن پوليس کي بيان ڏنو ته اسان جي نينگر کي تشدد ڪري قتل ڪرڻ کانپوءِ برڪت ڀرٽ لاش ميهڙ ڏئي ويو ۽ چيو ته نينگر ڦاھو کائي آپگھات ڪيو آهي. هنن چيو ته حقيقت ۾ نينگر آپگهات ناهي ڪيو، پر کيس تشدد ڪري ۽ گهٽا ڏئي قتل ڪيو ويو ۽ تشدد جا نشان جسم تي موجود آهن، زميندار قتل کي لڪائڻ لاءِ فوت ٿيڻ بعد نينگر جي ڳچي ۾ ڦاھو وجهي واقعي کي آپگهات جو رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
زميندار جي گرفتاري لاءِ بنگلي تي ڇاپو،فون نمبر به بند
حيدرآباد: پوليس موجب واقعي ۾ ملوث ڄاڻايل زميندار کي گرفتار ڪرڻ لاءِ بنگلي تي ڇاپو هنيو ويو، پر بنگلي کي تالا لڳل هئا، پاڙيسرين جو چوڻ هو ته گذريل ڏينهن کان مالڪ گهر کي تالا هڻي ٻارين ٻچين ڪيڏانهن نڪري ويا آهن، پوليس موجب گهر ٻاهر پوليس مقرر ڪئي وئي آهي، زميندار جا هٿ ڪيل فون نمبر به بند آهن، پر سندن لوڪيشن نوشهروفيروز جي ڳوٺ ڀرٽي جي ملي آهي، جنهن بابت جاچ ڪئي پئي وڃي، وارث ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ ناهن پهتا، ڪيس داخل ٿيڻ کانپوءِ وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي.