ڪراچي ۾ مهانگائي خلاف عوامي مارچ، پاڪستان آءِ ايم ايف جي والاريل رياست بڻجي ويو: اڳواڻ

ڪراچي (رپورٽ: مهدي بلوچ) نيشنل ٽريڊ يونين فيڊريشن پاڪستان، هوم بيسڊ وومن ورڪر فيڊريشن پاڪستان، نوجوانن جي تنظيم آلٽرنيٽ ۽ عوامي شهري محاذ پاران مهانگائي، بيروزگاري ۽ غربت  خلاف ريگل چوڪ کان ڪراچي پريس ڪلب تائين "مهانگائي مخالف عوامي ريلي” ڪڍي وئي، جنهن جي اڳواڻي ڪامريڊ گل رحمان، زهرا خان ۽ عاقب حسين ڪئي. ريلي ۾ شريڪ ماڻهن مهانگائي ۽ عام واهپي جي شين جي اگهن ۾ واڌ خلاف نعرا لڳائيندي آءِ ايم ايف ۽ مهانگائيءَ جا علامتي پتلا به ساڙيا، ريلي ۾ شريڪ مظاهرين غزا سان اظهار يڪجهتي جي لاءِ آزاد فلسطين جا جهنڊا به هٿن ۾ کنيا. ان موقعي تي مزدور اڳواڻن ريلي کي خطاب ڪندي چيو ته عوام جو سڀ کان وڏو مسئلو مهانگائي، بي روزگاري ۽ وڌندڙ غربت آهي جنهن کان نجات جا پروگرام پيش ڪرڻ ۾ سموريون جماعتون ناڪام ٿي چڪيون آهن، حڪمرانن جي غلط پاليسين سبب ملڪ جي 78 سيڪڙو آبادي يعني 19 ڪروڙ انسان غربت جي لڪير تي جانورن جهڙي زندگي گذارڻ تي مجبور آهن، عمومي مهانگائي جي شرح چاليھ سيڪڙو جڏهن ته عام واهپي جي شين جي قيمتن ۾ 50 کان 60 سيڪڙو تائين اضافو ٿيو آهي، پاڪستان ڏکڻ ايشيا ۾ في ڪس آمدني جي لحاظ کان سڀ کان هيٺ ۽ مهانگائي ۾ سڀ کان مٿي آهي، رپئي جي قدر ۾ گهٽتائيء سبب شهرين جي حقيقي آمدني ٻڙي ۽ خريداري جي قوت نه هجڻ برابر رهجي وئي آهي. هنن وڌيڪ چيو ته پيٽرول، گيس ۽ بجليءَ جي قيمتن ۾ واڌ انسان جي زندگيءَ ۾ زهر ڀري ڇڏيو آهي ۽ صنعتي پيداواري عمل کي مفلوج بڻائي ڇڏيو آهي، بي روزگاري، غربت ۽ وڌندڙ مهانگائي جي جِن سبب ذهني مرضن ۽ خودڪشين جي رجحان ۾ خطرناڪ حد تائين اضافو ٿيو آهي. هنن چيو ته حڪمرانن پاڪستان کي آءِ ايم ايف جي فتح ٿيل رياست ٺاهي ڇڏيو آهي،ريلي ۾ مطالبو ڪيو ويو ته هر طبقي جي مزدور جي پگهار گهٽ ۾ گهٽ 50 هزار ڪئي وڃي، هڙئي شهرين کي سوشل سيڪيورٽي ڏني وڃي، رياست عام واهپي جي شين، دوائن ۽ ٽرانسپورٽ لاءِ رياستي سبسڊي بحال ڪري، 3 سئو يونٽ استعمال ڪندڙن جي بجلي مفت ڪئي وڃي، وفاقي ۽ صوبائي انتظامي خرچن ۾ دفاع ۽ ٻين غير پيداواري خرچن کي گهٽ ۾ گهٽ ڏهه سالن تائين روڪيو وڃي، عوامي ادارن جي نجڪاري جو عمل روڪيو وڃي،ريلي ۾ اسد اقبال بٽ، ناصر منصور، رمضان ميمڻ، رفيق بلوچ، ڊاڪٽر اصغر دشتي، خالق زدران، وحيد بلوچ، ڪامريڊ سلطان، رياض عباسي، ڪامريڊ جنت، سعيد بلوچ، فاطمه مجيد، قاضي خضر، اڪرم بلوچ، ڪمي سيد، فائزه صديقي، سائره فيروز، همت علي، سائره خان، عيني يوسف، احسن محمد ايڊووڪيٽ، نورالدين ايڊووڪيٽ، بلاول خان، شهزار حسين ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.