ڪراچي ( رپورٽر ) ن ليگ سنڌ ۾ پنهنجون سياسي سرگرميون تيز ڪري ڇڏيون آهن، ن ليگ سنڌ جو صدر بشير ميمڻ ڪراچي ۾ انڙ هائوس پهتو، جتي هن غلام رسول انڙ ۽ پي ٽي آءِ نوابشاهه جي صدر امام علي انڙ سان ملاقات ڪئي. ذريعن موجب ملاقات ۾ سنڌ جي موجوده سياسي صورتحال ۽ عام چونڊن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جڏهن ته ن ليگ اڳواڻن انڙ خاندان کي پارٽي ۾ شموليت جي دعوت پڻ ڏني. ن ليگ اڳواڻ بشير ميمڻ چيو ته انڙ خاندان اسان کي ملاقات ۾ هاڪاري جواب ڏنو آهي. ٻئي پاسي لغاري خاندان ن ليگ ۾ شامل ٿي ويو آهي، لغاري سردار مسلم ليگ سنڌ جي صدر بشير ميمڻ سان ملاقات ڪري پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪئي، ملاقات ۾ ن ليگ جا مختلف اڳواڻ پڻ موجود هئا، لغاري خاندان جو ماضي ۾ دادو جي سياست ۾ اهم ڪردار رهيو آهي.