پرڏيهين جي واپسي خلاف پروپيگنڊا ڪندڙن جو گهيرو تنگ

ڪوئيٽا(م ڊ) بلوچستان جي نگران سڌ سماءَ واري وزير جان اچڪزئي جو چوڻ آهي ته غيرقانوني طور رهندڙ پرڏيهين جي واپسي خلاف سوشل ميڊيا تي رياست مخالف پروپيگنڊا ڪندڙن خلاف گهيرو تنگ ڪيو ويو آهي.هن  چيو ته سوشل ميڊيا تي رياست مخالف مواد پکيڙيندڙ سوشل ميڊيا اڪائونٽس ۽ پيجز خلاف ايف آءِ اي سائبر ڪرائم ايڪٽ تحت غير قانوني طور رهندڙ پرڏيهين کي ڪڍڻ بابت ناڪاري لفظن تي ڪارروائي ڪئي ويندي.جان اچڪزئي اهو به چيو ته ايف آءِ اي سائبر ڪرائم ونگ کي به هدايت ڪئي وئي آهي ته جاچ ڪري اهڙن سمورن اڪائونٽس هلائڻ وارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.