فيلڊ مارشل بابت بيان تي دلي طور ڏُکارو آهيان، اداري جي وقار جو احترام ڪريان ٿو: نثار کهڙو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙي فيلڊ مارشل بابت پنهنجي بيان جي وضاحت ڪندي چيو آهي ته سندس بيان غيرارادي هو ۽ ان تي کيس دلي طور ڏک پهتو آهي.
نثار کهڙي چيو ته هو اداري جي وقار جو تمام گهڻو احترام ڪري ٿو ۽ سندس لفظن سبب جيڪڏهن ڪا غلط فهمي پيدا ٿي آهي ته ان تي کيس افسوس آهي.
هن وڌيڪ چيو ته سندس مقصد ڪنهن به اداري جي وقار کي مجروح ڪرڻ نه هو، جنهن سبب پنهنجي بيان بابت وضاحت ڏيڻ ضروري سمجهيو.

 

You might also like